جنم ڏينهن جي مناسبت سان … مقصود گل: ڪجھه يادُون – ڪجھه ڳالهيُون

0
287
جنم ڏينهن جي مناسبت سان ... مقصود گل: ڪجھه يادُون - ڪجھه ڳالهيُون

 اڄ سنڌ جي ناليواري شاعر، عالم، دانشور، محقق، ٻارن جي اديب ۽ سچل سائينءَ جي شارح ۽ مترجم، مقصود گل جو 73هون جنم ڏينهن آهي. هو اڄ کان 8 سال اڳ، 65 ورهين جي ڄمار ۾ 14 فيبروري 2015ع تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويا.مقصود گل صاحب جي شاعريءَ سميت ٻين علمي توڙي ادبي ڪارنامن تي ته لکيو به ويندو آهي ۽ ڳالهايو به ويندو آهي، پر پاڻ هڪ اديب ۽ دانشور هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ذات ۾ انسان دوست، محبتي ۽ شگفته مزاج شخصيت جا مالڪ به هئا. اڄ سندن جنم ڏينهن تي اچو! ته توهان سان سندن ڪجھه اهڙا واقعا ونڊيان، جن مان اوهانکي لڳندو ته هو هڪ عظيم اڪابر هئڻ سان گڏوگڏ حاضر جواب، ڏاهپ سان ورندي ڏيندڙ، خوش مزاج ۽ حليم طبع انسان به هئا، جن سان هڪ ڀيرو ملي، وري وري ملڻ تي دل چوندي هئي.

                         شاعري؟ يا نعري بازي؟1990ع ۾ مقصود گل صاحب جو مزاحمتي شاعريءَ تي مشتمل لوڪ پسند ڪتاب “رت ڀِنا رابيل” منظرِ عام تي آيو. اهو ڪتاب تازو ئي پڌرو ٿيو هو ته انهن ئي ڏينهن ۾ مقصود صاحب پنهنجي نجي ڪم ڪار سان ڪراچيءَ آيو ۽ پنهنجي عزيز وٽ ڪراچيءَ جي باٿ آئيلينڊ جي علائقي ۾ محمد علي بوگرا روڊ تي واقع سندس اپارٽمينٽ ۾ ترسيل هو، جتان شيخ اياز جو “پرنس ڪامپليڪس” وارو گھر (اپارٽمينٽ) بمشڪل 5 ــ 10 منٽن جي پيدل سفر تي هو. انهن ڏينهن ۾ مقصود صاحب جو ننڍو ڀاءُ، قاضي منظر حيات، سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۾ هائوس جاب ڪري رهيو هو ۽ اياز سان سندس روزاني بنياد تي ملاقاتون ٿينديون هيون. مقصود صاحب جيترا ڏينهن به ڪراچيءَ ترسيل هوندو هو، ٽنپهرن ڌاري پنهنجي ننڍي ڀاءُ، منظر سان گڏجي اياز سان ملڻ پرنس ڪامپليڪس ايندو هو. اهو اياز جي چهل قدميءَ (واڪ) جو ٽائيم هوندو هو، پوءِ مقصود صاحب، شيخ اياز ۽ قاضي منظر گڏجي، ڪلفٽن برج وارو روڊ ڪراس ڪري باٿ آئيلينڊ ۾ واقع ‘آغا خان پارڪ’ ۾ واڪ لاءِ ويندا هئا ۽ سانجھيءَ ڌاري واپس پرنس ڪامپليڪس موٽندا هئا. انهن ئي ڏينهن دؤران هڪ شام مقصود صاحب، اياز کي پنهنجو اهو مذڪوره تازو پڌرو ٿيل ڪتاب “رت ڀِنا رابيل” تحفي ۾ ڏنو. اياز، بسيار نويس هئڻ سان گڏو گڏ بسيار خوان به هو، سو اهو ڪتاب رات ۾ ئي پڙهي پورو ڪيائين. ٻئي ڏينهن معمول موجب مقصود گل صاحب ۽ چاچا قاضي منظر حيات، اياز وٽ ٽيپهريءَ ڌاري پهتا. اڄ مقصود صاحب جو جگري دوست ۽ ناميارو سنڌي شاعر مختار گھمرو به ساڻن گڏ هو. هي چارئي ڄڻا شام جي واڪ تي گڏ روانا ٿيا. اياز لڪڻ هٿ ۾ کنيو اڳيان اڳيان ٿي هليو ۽ مقصود صاحب ساڻس قدم، قدم سان ملائي پئي هليو. جڏهن ته مختيار ۽ منظر هڪ قدم پويان ساڻن گڏ پئي هليا. ڳالهه ٻولهه ڪندي، مقصود صاحب شيخ اياز کان پڇيو: “ڪتاب ڏِٺُوَ!؟” اياز وراڻيس: “مون پڙهي پورو به ڪري ڇڏيو رات ئي…” مقصود صاحب پڇيس: “اوهان جي راءِ!؟” اياز چيس: “مون جيڪا تنهنجي شاعري رسالن ۾ پڙهي آهي، ان جي روشنيءَ ۾ مان ڄاڻان ٿو ته تون ته زبردست رومانوي شاعر آهين، پر تنهنجي هن ڪتاب ۾ شاعري گھٽ ۽ ‘نعري بازي’ وڌيڪ آهي!” مقصود صاحب ٺهه پهه چيس: “جي منهنجي ’رَت ڀِنا رابيل’ ۾ شامل شاعري نعري بازي آهي، ته پوءِ اوهانجي ‘سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميارَ! او يار!’ واري شاعري ڇا آهي!؟ اوهان 60ع واري ڏهاڪي جي مزاحمت ۾ اهي نعرا هنيا هئا… مون 80ع واري ڏهاڪي جي مزاحمت ۾ اهي منظُوم نعرا هنيا آهن…”

اياز ماٺ رهيو… ڄڻ مقصود گل جي ڳالهه سان سمهت هجي!

ويٺو آهيان، ته خوش آهيان:سنڌ جو سرموڙ شاعر شمشير الحيدري، مقصود گل صاحب جو سينيئر دوست هو. مقصود گل، جتي شمشير صاحب جو تمام گھڻو احترام ڪندو هو، اتي ٻنهي ۾ ڪمال جي حُجت به هئي. ٻنهي ۾ قدرِ مشترڪ ٻنهي جي شگفته مزاجي به هئي… جتي شمشير جي برمهل جملي بازي مُلڪان مُلڪ مشهور آهي، اتي مقصود صاحب به ساڻن گفتگو ڪندي ‘سير تي سوا سير’ وارو ڪردار ادا ڪندا هئا. ٻنهي جي ڀوڳن ۾ گهرائي هجڻ ڪري ان محفل ۾ موجود ٻيا ماڻهو ٻنهي جي گفتگوءَ مان محظُوظ پيا ٿيندا هئا. شمشير صاحب ۽ مقصود صاحب جي  نمڪين جملي بازيءَ کي قلمبند ڪجي ته ان لاءِ هڪ طويل تحرير جي ضرورت آهي، پر هتي فقط هڪ واقعو قلمبند ٿو ڪريان:

هڪ ڀيري پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ جي اسٽوڊيو ‘ڊِي’ ۾ ڪنهن مشاعري جَي سيٽ تي ٻنهي جي ملاقات ٿي، جنهن جي نظامت مون پئي ڪئي. ياد رهي ته ٻنهي اڻ ڳڻيا مشاعرا گڏ پڙهيا هئا، جن مان ڊزنين ته ٽي ويءَ جا مشاعرا هئا. ان مشاعري ۾ شاعرن کي ترتيب سان ويهارڻ کانپوءِ اڃا ريڪارڊنگ شروع ٿيڻ جو انتظار پئي ڪيوسين ته مقصود صاحب، شمشير کان اشارن ۾ احوال پڇيو ۽ ٻنهي هٿن سان دريافت ڪيائين ته “خوش آهيو نه!؟” ته شمشير صاحب اکين ۽ ڀرُوَن جي اشاري سان ڄڻ ته سوال جي وضاحت گُھريَس. تنهن تي مقصود صاحب زبان سان پُڇيس: “ويٺا ته خوش آهيو!؟” تنهن تي شمشير وراڻيس: “ويٺو آهيان، ته خوش آهيان!”شمشير جي ان جملي تي سڀني شاعر دوستن جي مک تي مرڪُون وکري ويون.

هلي آ هُنڊا ڏيانءِ وٺي:ناميارو مزاحمتي شاعر، سرڪش سنڌي، مقصود گل جي ديرينه حجائتن دوستن مان هو. هنن جو تعلق جيترو پراڻو هو، اوڏو حجت ۽ محبت جي ڳنڍين ۾ ڳنڍيل به هو. سرڪش جي شاعريءَ جي سڃاڻپ جيتوڻيڪ مزاحمت هئي، پر هو جڏهن رومانوي شاعري ڪندو هو، ته به خوب نباهيندو هو. هڪ دفعي سرڪش ٻه ٽي رومانوي گيت هلڪي ڦُلڪي انداز ۾ لکيا ۽ رتيديري ۾ اسانجي گھر جي بيٺڪ (اوطاق) ۾ ڪنهن ڪچهريءَ دوران مقصود صاحب کي ٻُڌڻ لاءِ چيائين! سرڪش هي ٻه ٽي گيتَ، پنهنجي مخصوص انداز ۾ نظر وارو چشمو پنهنجي نڪ تي رکي، گل صاحب کي جُھونگاري ٻڌائڻ شروع ڪيا. انهن مان هڪ گيت هو: “پنڌ نه گھم او پوپٽ جهڙا! هلي آ هُنڊا ڏيانءِ وٺي… هلي آ هُنڊا ڏيانءِ وٺي… هلي آ مزدا ڏيانءِ وٺي…”

مقصود صاحب سڄي گيت دؤران شرارتي مرڪ مرڪندو رهيو. جيئن ئي سرڪش گيت جھونگاري پورو ڪيو ته حجت مان پڇيائينس: “ڇا ٿو ڀائين!؟” مقصود صاحب وراڻيس: “پاڻ سائيڪل تي ٿو گھٽيون ڪڇيندو وتين، محبوب کي هُنڊا ۽ مزدا وٺي ڏيندين!؟”

خرچ ۽ خرچي: مان ڪلاس نائين کان انٽرميڊيٽ تائين پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ پڙهيس ۽ ميٽرڪ توڙي انٽر جو امتحان اتان ئي پاس ڪيم. هي هڪ رهائشي ادارو هو، جتي اسانجي تعليم سان گڏوگڏ رهائش جو انتظام به ٿيل هوندو هو ۽ اسان ٽن مهينن ۾ هڪ ڀيرو (مڊ ٽرم يا ٽرم بريڪ ۾) ميرپورخاص کان 10 ڏينهن جي موڪل ملڻ تي گھر ايندا هئاسين. مان جڏهن به اها 10 ڏينهن جي موڪل پُوري ڪري واپس اسڪول لاءِ روانو ٿي رهيو هوندو هئس، ته بابا (مقصود گل صاحب) مونکي 3 مهينن جي خرچ جا ٻَڌا پيسا ڏيڻ کانپوءِ، ٻه ٽي سؤ روپيه الڳ به ڏيندا هئا. پڇندو هومانس ته، “هي ڇا جا!؟” ته جواب ڏيندا هئا ته، “هُو (ٻَڌا پيسا) تُنهنجي خرچ جا آهن… جڏهن ته هي خرچيءَ جا…” [email protected]