حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي عورت وڪيلن مسئلن جي حل، جنس جي بنياد تي ٿيندڙ حراسمينٽ، اڻ برابري، انصاف ۽ قانون جي ادارن، بار، سرڪاري آفيسن ۽ تعليمي ادارن توڙي ٻين هنڌن تي عورت وڪيلن سان پيش ايندڙ مسئلن جي حل ۽ حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪندي اتحاد قائم ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ وومين لائيرس الائينس جي نالي سان اتحاد ۾ شامل عورت وڪيل اڳواڻن اعلان ڪيو ته هو ظلم ۽ جبر جو شڪار ٿيندڙ عورتن ۽ نياڻين جي قانوني مدد ڪرڻ سان گڏ سندن تحفظ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ڪلب ۾ ”سنڌ عورت وڪيلن جي اتحاد“ جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، قمبرشهدادڪوٽ، نوشهروفيروز، مٽياري، خيرپورميرس ۽ ٻين شهرن مان عورت وڪيلن شرڪت ڪئي. اتحاد جي صدر ايڊووڪيٽ شازيه نظاماڻي ڳالهائيندي چيو ته سندن اتحاد سنڌ جي هر ضلعي ۾ عورت وڪيلن جي سهائتا ڪندو جڏهن ته سنڌ ۾ عورتن، نياڻين ۽ ٻين مظلوم طبقن سان ٿيندڙ ظلم ۽ جبر خلاف به آواز اٿاريو ويندو ۽ اتحاد ذريعي عورتن کي سندن آئيني ۽ قانوني حقن جي ڄاڻ پڻ فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان وٽ وڪيل عورتن لاءِ تمام گهڻيون مشڪلاتون موجود آهن. اسان عورت وڪيلن جو ڪو الڳ پليٽ فارم ناهي جنهن ذريعي پنهنجو آواز اٿاري سگهون. بار ۾ عورتن جي شموليت تمام گهڻي گهٽ آهي جنهن ڪري عورت وڪيل بار جي سرگرمي کان پري هجي ٿي. حراسمينٽ جي حوالي سان قانون ته جڙيل آهي پر ان قانون ۾ اهو طئه ٿيل آهي ته هر اداري ۾ هڪ ڪميٽي به جوڙي ويندي جيڪا حراسمينٽ جي حوالي سان شڪايتن کي ڏسندي پر افسوس سان ڪٿي به اها ڪميٽي جڙيل ناهي. روبينا چانڊيو چيو ته اتحاد ذريعي هو مظلوم عورتن ۽ پيڙهيل طبقن لاءِ آواز اٿاريندا ڇاڪاڻ ته ٿاڻن توڙي عدالتن ۾ متاثر عورتن لاءِ ماحول کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. وڪالت هڪ پيشو آهي. عورتن کي ان پيشي جو حصو ٿيڻ گهرجي. ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌڻ بدران ڇوڪريون قانون ۽ انصاف جي مورچي کي سنڀالين. ايڊووڪيٽ ريحانه صديقي چيو ته ڏکئي کان ڏکيو ڪم شروع ڪري سگهجي ٿو پر ان کي ختم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ان ڪري عورت وڪيلن مظلوم عورتن ۽ نياڻين جي حقن ۽ مسئلن لاءِ جيڪڏهن اتحاد جوڙيو آهي ته ان کي مستقل مزاجي سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي.