واشنگٽن: ڊيموڪريٽ پارٽي جي عورت اسيمبلي ميمبر اليگزينڊا اوڪاسيو ڪورٽيز سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڊونلڊ ٽرمپ مٿان ڏمرجي پئي، عالمي خابرو اداري موجب اوڪاسيو پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي صارفين سان سوالن جوابن جو سيشن ڪيو. وڏي تعداد ۾ صرفين کانئس سوال ڪيو ته حلف برداري تقريب ۾ ڇو نه شرڪت ڪئي، جنهن تي هن چيو ته  جنسي زيادتي جي ڏوهاري جو جشن ناهيان ملهائيندي، ٽرمپ جي حمايتين کي عورت ميمبر جو جواب پسند نه آيو، کيس قانوني ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني وئي. ان باوجود نه ته عورت پنهنجي پوسٽ ڊليٽ ڪئي نه ئي ان مان ٽرمپ لاءِ ريپسٽ لفظ هٽايو.