اسلام آباد (م ڊ) نواز ليگ جي سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين اسلام آباد تي چڙهائي جي ڌمڪي نه ڏئي ها ته نواز ليگ مئي 2022ع ۾ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي ها، نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڌمڪي کانپوءِ نواز شيف اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو تبديل ڪيو، ان کان نواز شريف شهباز شريف کي چيو هو ته قوم کي خطاب ڪري اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيو، سمري موڪلي ڇڏيو، پر عمران ڌمڪي ڏني ته اسلام آباد مارچ ڪري هنن کي گهلي ڪڍندس، نواز شريف ان چيلنج کي قبول ڪيو ۽ شهباز کي اسيمبلي ٽوڙڻ کان روڪيو. ڇا نواز ليگ اقتدار ۾ اچي جنرل پاشا، جنرل ظهير، جنرل باجوه ۽ جنرل فيض خلاف ڪارروائي ڪندي؟ عمران کي آڻيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي؟ اهڙي سوال تي اسحاق ڊار چيو ته ماضي ۾ جيڪي قدم کنيا ويا آهن انهن کي ڪنهن ڪارروائي کان بنا نه ڇڏڻ گهرجي، ٿرٿ اينڊ ري ڪنسليئيشن ڪميشن ميثاق جمهوريت جي اڻپوري ايجنڊا آهي، ڪميشن جوڙي وڃي، اها ڪميشن رپورٽ ٺاهي ته ماضي ۾ ڪنهن جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي، مستقبل ۾ اهڙا معاملا روڪڻ لاءِ ڪميشن جي رپورٽ پڌري ڪئي وڃي. هن چيو ته اقتدار ۾ اچي نواز شريف سوڌو قيادت کي عرض ڪندس ته ڪميشن جوڙي وڃي، آئون نٿو سمجهان ته نواز شريف انڪار ڪندو ڇو ته اها قومي خدمت هوندي. هن چيو ته ماضي ۾ اسٽبلشمينٽ جي ماڻهن پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏنو، معاملي تي سچائي ۽ مفاهمتي ڪميشن ٺاهڻ گهرجي، هن چيو ته 16مهينا حڪومت نه وٺون ها ته پاڪستان ڊفالٽ ٿي وڃي ها.