اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير نومبر 2027ع تائين ان عهدي تي موجود رهندو جنهن سان نظام کي تسلسل ملندو، بي بي سي سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير نومبر 2022ع ۾ مقرر ڪيو ويو هو، هاڻي هو آرمي ايڪٽ ۾ترميم بعد نومبر 2027ع تائين آرمي چيف رهندو. هن چيو ته ماضي ۾ ايوب خان کان جنرل باجوه تائين سمورن آرمي چيفس کي مدي ۾ واڌ ملي، هاڻ ٽنهي فوجن لاءِ قانون ٺاهيو ويو آهي، اسان انهن ۾ ڪو به فرق ناهي ڪيو. خواجه آصف چيو ته پاڪستان ۾ مدي ۾ واڌ جو سلسلو ايوب خان جي دور ۾ شروع ٿيو، ان بعد 8-9 آرمي چيفس کي واڌ ڏني وئي، ايوب خان، ضياءَ، مشرف پاڻ کي واڌ ڏني، اهي سڀ فرد لاءِ هيون هاڻي اسان قانون واضح ڪري ڇڏيو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته موجوده حالتن ۾ تسلسل جي ضرورت آهي ۽ اهو ضروري آهي ته هٿياربند فوجن جا سربراهه هجن، اهي اسيمبلي ۽ ٻين ادارن جي پنج سال مدي وانگر مناسب وقت لاءِ بهتر دفاعي منصوبابندي ڪري سگهن. خواجه آصف چيو ته سروسز چيفس جي مدي ۾ واڌ سان نظام کي استحڪام ملندو، اسان قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي. پي ٽي آءِ جي تنقيد جو جواب ڏيندي وفاقي چيو ته هنن جي ليڊر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو هو ته آرمي چيف قوم جو پيءُ هوندو آهي. هوڏانهن هڪ نجي ٽي چينل سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ عمران کي پرڏيهه موڪلڻ جي ڪوشش ڪري آهي، پي ٽي آءِ وارا پاڻ پرڏيهي طاقتن کي چئي رهيا آهن ته پاڪستان تي دٻاءُ وجهو ته عمران کي آزاد ڪري ٻاهر موڪليو وڃي، هن چيو ته ڪيترائي ملڪ باني پي ٽي آءِ کي وٺڻ لاءِ تيار به آهن.