اسلام آباد (م ڊ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جنرل باجوه ۽ فيض حميد کي قومي اسيمبلي ۾ طلب نٿو ڪري سگھجي. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي قانون واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته چونڊيل نمائندن يا ڪابينا ميمبرن کان سواءِ ڪنهن به شخص کي اسيمبلي جي فلور تي طلب نٿو ڪري سگھجي. پر انهن کي سب ڪميٽين طلب ڪري سگھجي ٿو. هن چيو ته حڪومت ۾ شامل سمورين جماعتن جي مشاورت سان سوشل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪنداسين.