لاهور (شوبز نيوز) فيصل آباد سان تعلق رکندڙ مشهور ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته فلمي ڪيريئر جي شروعات سيد نور جي فلم تيري باجري دي راکهي سان ڪيو هو، پر اها فلم ڪامياب نه ٿي هئي، جڏهن ته پري زار ۽ هم ڪهان جي سچي ٿهي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو آفر ٿي هئي، پر هن انڪار ڪيو هو، ميڊيا جي رپورٽن مطابق جنت مرزا جي ڊرامن جي تقريبن شوٽنگ ڪراچي ۾ ٿيندي آهي ۽ هن کي هوائي جهازن ۾سفر ڪرڻ دوران خوف ٿيندو آهي، جنهن جي ڪري اداڪاره جهاز ۾ سفر نه ڪندي آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ وڏي ذميواري آهي، جنهن جي ڪري وڌيڪ ڊرامن ۾ ڪم نه ٿي ڪري سگهي، ڪراچي منتقل ٿيڻ کانپوءِ مستقل ڪراچي ۾ رهائش اختياري ڪئي آهي ۽ سندس فيملي فيصل آبا ۾ رهڻ پسند ڪري ٿي.