قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اڪثر طور تي اهو ٻڌڻ لاءِ ملندو آھي ته پارليامينٽ بالادست ۽ ملڪ جو سپريم ترين ادارو 25 ڪروڙ عوام جو ايوان آھي. آئين ۾ ادارن جي دائري ۽ اختيارن کي ڏسجي ٿو ته پارليامينٽ واقعي بالادست ۽ سڀني ادارن جي ماءَ جهڙي اداري جي حيثيت رکي ٿو. فوج هجي يا سپريم ڪورٽ هجي، نيب، هاءِ ڪورٽون هجن يا وفاقي وزارتون- سڀني ادارن جي ساليانن خرچن جي منظوري ڏيڻ جو اختيار صرف پارليامينٽ وٽ ئي آھي. پارليامينٽ وٽ اهو اختيار به آھي ته ڪنهن اداري جي اختيارن ۾ اضافو يا گهٽتائي ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪري يا ڪنهن اداري جي دائرهء ڪار کي تبديل ڪري ڇڏي، ڪو نئون ادارو تخليق به ڪري سگهي ٿي. پارليامينٽ جي رپورٽنگ ڪندي مون اڳيان اڪثر اهو سوال ڪر کڻي بيهندو آھي ته آئيني طور بالادست پارليامينٽ ڇا واقعي حقيقت ۾ به بالادست ۽ سڀ کان طاقتور ادارو آھي؟ اهو سوال ذهن ۾ اڀري اچڻ تي زميني حقيقت اها نظر ايندي آھي ته پارليامينٽ سڀ کان ڪمزور ادارو آھي، جنهن جي اختيارن ۾ مداخلت ٿيڻ جي تاريخ هن ملڪ جيتري ئي پراڻي آھي. جيئن نڍڻڪي زمين ۾ ماڻهن جو مال داخل ٿي ڀيل ڪندو رهندو آھي، ائين پارليامينٽ جي اختيارن جي ڀيل ٿيندي رهي ٿي ۽ ان اڳيان بند ٻڌڻ ۾ پارليامينٽ هن وقت تائين ڪامياب نه ٿي سگهي آھي. ان صورتحال جو هڪ سبب ته اهو آھي جو پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ وانگر استعمال ڪرڻ ۾ پارليامينٽ ۾ ويٺل ئي سهولتڪاري ڪندا رهيا آھن ۽ پارليامينٽ جي اختيارن ۾ مداخلت يا ان جي اختيارن کي چيلينج ڪرڻ واري صورتحال ۾ پارليامينٽ ۾ موجود پارٽيون اڪثر طور تي تقسيم رهيون آھن ۽ اهڙي صورتحال ۾ صرف بيان بازي ڪري اهو سمجهو ويندو آھي ته ذميواري ادا ٿي وئي آھي، عملي ڪردار ۽ ڪم ڪرڻ جي ڪنهن همٿ ۽ ڪوشش ئي نه ڪئي آھي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آھي جو پارليامينٽ جا آئيني اختيار خاص طور تي پارليامينٽ لاءِ نمائشي اختيارن کان وڌيڪ حيثيت نٿا رکن ۽ آئي ڏينهن اهڙا تماشا ٿين ٿا، جيڪي پارليامينٽ جي توهين ۽ تذليل جو باعث ٿين ٿا.
تازو ئي سومر ڏينهن ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس ختم ٿيڻ بعد پارليامينٽ ٻاهريان تماشو ٿيو آھي. قومي اسيمبلي جو اجلاس ختم ٿيڻ بعد گهر وڃڻ لاءِ پنهنجي گاڏي ۾ سوار ٿي “وڙ گيا” جي جملي سان مشهور شير افضل مروت جيئن ئي قومي اسيمبلي جي ٻاهرين گيٽ تي پهتو ته تاڙ ۾ بيٺل پوليس اهلڪار سندس گاڏي جي چوڌاري ڦري آيا. کيس گاڏي تان لاهي، ٻانهن مان وٺي گهلڻ واري انداز سان سرڪاري گاڏيءَ ۾ ويهاري گرفتار ڪري اتان نيو ويو. قومي اسيمبلي جي ميمبر شير افضل مروت کي سندس گاڏيءَ ۾ ئي ويهاري پوليس اهلڪار وٺي وڃي پئي سگهيا پر ان سان شير افضل مروت جي اها تذليل نه ٿي سگهي ها، جيڪا تذليل ڪرڻ مقصود هئي. شير افضل مروت بعد سموري صورتحال کان باخبر تحريڪ انصاف جو چيئرمين بيريسٽر گوهر پنهنجي گاڏيءَ تي سوار ٿي گرفتاري ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ جي گيٽ وٽ پهتو پر ان جي گاڏي به جيئن پارليامينٽ جي گيٽ وٽ پهتي ته پوليس اهلڪارن کيس روڪي گاڏي تان لاهي گرفتار ڪري ورتو. شير افضل مروت، بيريسٽر گوهر جي گرفتاري بعد پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ جهنگ کان چونڊيل شيخ وقاص اڪرم، ملتان مان چونڊيل زين قريشي ۽ ٻين قومي اسيمبلي ميمبرن گرفتاري کان بچڻ لاءِ پارليامينٽ هائوس اندر پناهه ورتي ۽ اهي چونڊيل ميمبرن جي ريفريشمينٽ لاءِ ٺاهيل سروس سينٽر ۾ ويهي رهيا. انهن رات جي ماني اتي گهرائي کاڌي. کين اهو معلوم ئي نه هو ته جنهن سوچ کي سامهون رکي اهي پارليامينٽ جي بلڊنگ اندر گرفتاري کان بچڻ لاءِ ويٺا آھن، انهيءَ پارليامينٽ بلڊنگ جي تقدس جو ڪو خيال نه رکيو ويندو، پارليامينٽ جو تقدس پائمال ڪيو ويندو ۽ اهلڪار پارليامينٽ هائوس ۾ اندر داخل ٿي کين گرفتار ڪري وٺندا. اگر قومي اسيمبلي جي انهن ميمبرن ڪا قانون جي خلاف ورزي ڪئي هئي ته کين پوليس پارليامينٽ مان نڪرڻ کانپوءِ گرفتار ڪري پئي سگهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهريان ٻن ۽ پارليامينٽ هائوس اندران 10 ميمبرن کي گرفتار ڪرڻ جو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو؟ ظاهر آھي ته گرفتاري جون هدايتون ڏيندڙن کي معلوم هوندو ته اهو عمل پارليامينٽ جي توهين تصور ٿيندو پر ان هوندي به اهڙيون هدايتون ڏيڻ جو مطلب ته اهو ئي ٿئي ٿو ته اهو عمل سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ٿيو آھي. اهو به ‘جمهوري دور’ ۾ ٿيو آھي. سوال هي آھي ته سياسي ڌريون هاڻي پارليامينٽ جي بالادستي جون دعوائون ڪيئن ڪري سگهنديون، جنهن پارليامينٽ جو تقدس سياسي دور ۾ ئي مٽيءَ ۾ ملايو ويو هجي ۽ عوام جي ووٽن سان آيل ميمبرن کي گاڏين مان لاهي ڪئمرائن سامهون تذليل واري انداز سان گرفتار ڪيو ويو هجي. حڪومت جو اهو موقف به عجيب آھي ته اگر ڪي پي ڪي جو وڏو وزير جلسي ۾ غيرمناسب زبان استعمال نه ڪري ها ۽ رياست کي چيلينج نه ڪري ها ته گرفتارين وارو واقعو به نه ٿئي ها. اهو موقف عجيب ان ڪري آھي جو اگر سي ايم ڪي پي ڪي ڪو عمل رياست مخالف يا قانون خلاف ڪيو هو ته ڇا ان کي پارليامينٽ تي حملو ڪرڻ جو جواز بنائي سگهجي ٿو؟ اگر سي ايم ڪي پي ڪي خلاف ورزي ڪئي هئي ته ان کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ لاءِ قانوني رستا موجود هئا پر جيڪو ڪجھ ان حوالي سان اخبارن ۾ شايع ٿيو يا ڪي پي ڪي حڪومت جي ترجمان ميڊيا تي اچي چيو ته سي ايم سان رابطو ڪٽجي ويو آھي، ان جي اسٽاف جا نمبر به بند آھن. علي امين گنڊاپور جي جلسي ۾ ڳالهايل ٻولي ۽ اختيار ڪيل انداز غير مناسب هو، ان کي نه درست قرار ڏئي سگهجي ٿو، نه ئي ان جي ساراهه ڪري سگهجي ٿي پر هڪ صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو سان جيڪو ڪجھ ٿيو، ڇا اهو عمل ان صوبي جي مينڊيٽ جي توهين نه آھي؟
ڪيترو نه عجيب اتفاق آھي ته 9 مئي تي پي ٽي آءِ تي جناح هائوس تي حملو ڪرڻ جو الزام آھي، جنهن الزام هيٺ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ اندر آھن، 9 سيپٽمبر تي پارليامينٽ تي به حملو ٿيو آھي. ڇا جيئن 9 مئي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿي، ائين ڪارروائي 9 سيپٽمبر جي ذميوارن خلاف ٿي سگهندي؟ ان سوال جو جواب مون سميت سڄي ملڪ جي باشعور ماڻهن کي معلوم آھي ته ڀلي پارليامينٽ آئيني طور بالادست ادارو آھي پر جناح هائوس تي حملي وانگر پارليامينٽ تي ٿيل حملي تي ڪارروائي نه ٿي سگهندي. ان سان فوجي تنصيبات ۽ پارليامينٽ وچ ۾ فرق واضح ٿي ويندو، جيڪا زميني حقيقت آھي، اها آشڪار ٿي ويندي. جيڪي ٿوري گهڻي خوش فهمي ۾ هئا، انهن جون اکيون کلڻ لاءِ اهو فرق ڪافي هوندو.
مان چاهيان ٿو ته اهو اندازو منهنجو غلط ثابت ٿئي ۽ اسپيڪر جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو آھي، ان ۾ ڪامياب ٿي وڃي ۽ پارليامينٽ هائوس ۾ اندر آيل اهلڪارن ۽ انهن کي حڪم ڏيندڙ گرفت ۾ اچن پر سوال هي آھي ته جنهن وقت چونڊيل ميمبرن کي گرفتار پئي ڪيو ويو يا جن ڏهن چونڊيل ميمبرن گرفتاري کان بچڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ پناهه ورتي ۽ رات ٽين وڳي تائين اتي موجود هئا، اسپيڪر ايتري وقت تائين ڪٿي هو؟ ان مشڪل گهڙيءَ ۾ اسپيڪر ڇو ڪسٽوڊين طور اچي ميمبرن جي واهر نه ڪري سگهيو؟ سوال هي به آھي ته اسپيڪر اهو سڀ ڪجھ ٿيڻ کان اڳ ايڪشن ۾ اچڻ مناسب ڇو نه سمجهو؟ انهن سوالن جا جيستائين واضح جواب نٿا اچن، تيسائين اسپيڪر جي ايندڙ ڪارروائي سواءِ ‘ڊميج کي ڪور’ ڪرڻ کانسواءِ ڪا ٻي حيثيت حاصل نه ڪري سگهندي.
اوهان کي ٻڌايان ته پارليامينٽ هائوس جي هڪ ئي بلڊنگ ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ايوان به قائم آھن ته ٻنهي ايوانن جون آفيسون به بلڊنگ جي هر فلور تي آھن. سوال هي آھي ته ڇا پارليامينٽ هائوس جي بلڊنگ اندر نقاب پوش اهلڪارن جو داخل ٿيڻ رڳو قومي اسيمبلي جي توهين آھي؟ منهنجي نظر ۾ ان عمل سان جيتري توهين قومي اسيمبلي جي ٿي آھي، اوتري ئي توهين سينيٽ جي به آھي. سينيٽ جو به مسلسل اجلاس هلندڙ آھي پر سينيٽ جو چيئرمين يوسف رضا گيلاني جيڪو اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ وزير اعظم جي عهدي تي به رهي چڪو آھي، ان ايوان ۾ ان عمل جي مذمت به ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. جيڪو ايوان مذمت ڪرڻ جو به جوکم کڻڻ لاءِ تيار نه آھي، ڇا اهو ايوان ڪارروائي لاءِ قومي اسيمبلي سان گڏ بيهندو؟ ان سوال جو جواب هر ڪو ڄاڻي ٿو. ان ڪري ان تي وقت وڃائڻ بجاءِ آخر ۾ اوهان کي هڪ اهم پيش رفت بابت آگاه ڪرڻ چاهيان ٿو.
اربع ڏينهن تي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ جيڪا تقرير ڪئي، ان تقرير هڪ ٻئي جي سخت مخالفت ۾ ڳالهائيندڙ پارٽين کي ميثاق پارليامينٽ جو مسودو تيار ڪرڻ لاءِ اتفاق راءِ سان رٿ منظور ڪرڻ تي آماده ڪيو پر ڇا ميثاق پارليامينٽ جي ڊرافٽ تي عمل ٿي سگهندو؟ اهو هڪ اهم سوال ان ڪري به آھي جو ميثاق جمهوريت پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وچ ۾ ٿيل آھي. سوال هي آھي ته ڇا ان ميثاق جمهوريت تي عمل ٿي رهيو آھي؟ ڇو ته اهو معاهدو ختم نه ٿيو آھي. اگر ان تي عمل نه ٿي سگهيو آھي ته پوءِ ميثاق پارليامينٽ تي عمل ڪيئن ٿي سگهندو؟ اصل ۾ پاڪستان ۾ سياست پيٽي مفادن جو شڪار ٿيل آھي. جيستائين ان مرض جو علاج نه ٿيندو، تيستائين پاڪستان ۾ سياست نه مضبوط ٿي سگهندي، نه ئي عوام جي اهنجن ۾ گهٽتائيءَ جو سبب ٿي سگهندي. اربع ڏينهن بلاول ڀٽو قومي اسيمبلي ۾ چيو ته اسان سياست کي گار بنائي ڇڏيو آھي. نوجوان نسل ڊاڪٽر يا ٻيو ڪجھ ته ٿيڻ چاهي ٿو پر سياستدان نٿو ٿيڻ چاهي. اها ڳالھ ڪڙي ۽ تلخ ضرور آھي پر موجوده حالتن جي عڪاسي ڪندڙ آھي. اگر جيڪو شعبو گار بڻيل هجي، ان کي انهيءَ صورتحال مان ڪڍڻ ڀلي ناممڪن نه هجي پر انهيءَ صورتحال مان ان شعبي کي ڪڍڻ انتهائي مشڪل ضرور آهي.