لاهور (م ڊ) 9 مئي سانحي جي جاچ دوران گڏيل جاچ ٽيم جناح هائوس ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي سميت ٻين کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ذريعن موجب جي آءِ ٽي سربراهه عمران ڪشور جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ عمران خان جي ڀينرن کي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جي ٽي آءِ جي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي چوڻ تي جناح هائوس تي حملو ٿيو، عمران خان جاچ ۾ حملو ڪرائڻ جو اعتراف ڪيو. ذريعن موجب جي آءِ ٽي تحريڪ انصاف چيئرمين کي 3 ڀيرا جاچ ۾ شامل ڪيو، ٽيم اٽڪ جيل ۾ به بيان رڪارڊ ڪرڻ وئي.