ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جون ڀرتيون هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج، عدالت ڌرين جي وڪيلن جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ڪالھه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جي پي ايم سي (جناح اسپتال )۾ غير قانوني ڀرتين خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران جواب جمع ڪرايو ويو، جڏهن ته ٻڌڻي دوران درخواستگذارن، جناح اسپتال ۽ سرڪاري وڪيل پيش ٿيا، درخواستگذار ڊاڪٽرآصف قريشي ۽ ڊاڪٽر محمد نعيم جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته جناح اسپتال ۾ ٿيل ڀرتيون غيرقانوني آهن، گريڊ 18 ۽ 19 ۾ ڀرتين جو اختيار سنڌ نه پر وفاقي حڪومت کي آهي، ڊاڪٽرن جي وڪيلن وڌيڪ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي جي وچ ۾ معاهدو ٿيو هو ، جنهن تحت وفاقي حڪومت سنڌحڪومت کي چيو هو ته اوهان اسپتال جا انتظام هلايو. هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن سنڌ حڪومت ڊاڪٽرن سميت ٻيون ڀرتيون ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ سول سروسز ايڪٽ تحت ڀرتيون ڪري، وڪيلن جو چوڻ هو ته اڃا اهو واضح ناهي ته جناح اسپتال وفاقي حڪومت جي آهي يا سنڌحڪومت جي آهي؟ انهي ڪري ملازمن جون ترقيون ۽ بدليون رڪيل آهن . عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.