ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ آڏو جناح اسپتال ۾ غير قانوني ڀرتين خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جناح اسپتال انتظاميا عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو، جڏهن ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي وڪيلن جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري . آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس ڪي ڪي آغا وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي وڪيلن طرفان مهلت طلب ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ته جواب جمع ڪرائڻ لاءِ آخري مهلت ڏيون ٿا، آئيني بينچ انهي لاءِ جوڙي وئي آهي ته جيئن ڪيسن کي جلد نبيري سگهجي، اميد ڪريون ٿا ته حڪومت طرفان مڪمل معاونت فراهم ڪندي وقت سر جواب جمع ڪرايا ويندا. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته هڪ سال گذرڻ باوجود وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جواب جمع نه ڪرايو. جنهن تي جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته اسان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 15 جنوري جي آخري مهلت ڏني آهي، عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.