ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جناح اسپتال ۾ ماءُ جو چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ ويل شاگردياڻي تي عملي پاران تشدد ۽ هراسان ڪرڻ خلاف ايڊشنل اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ درخواست داخل، عدالت لاڳاپيل ٿاڻي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، متاثر شاگردياڻي عطيه جو چوڻ هو ته هو پنهنجي ماءُ کي چيڪ اپ لاءِ اسپتال وٺي وئي، جتي موجود عملي امڙ جو علاج ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، وڊيو ٺاهڻ جي ڪوشش تي گارڊن بدسلوڪي ڪئي، هڪ عورت سميت 5 ملازمن ڪمري ۾ واڙي تشدد جو نشانو بڻايو، تشدد ڪندڙ عملي پرس مان 50 هزار رپيا به ڪڍي ورتا، هن چيو ته پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، عدالت لاڳاپيل ٿاڻي کي واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي.