ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جناح پوسٽ گريجويٽ سينٽر کي وفاق کان صوبي ڏانهن منتقل ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي، ٻڌڻي دروران درخواستگذارن ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف چيو ته سپريم ڪورٽ جي 2019 واري فيصلي مطابق جناح اسپتال وفاق حوالي ناهي ڪئي وئي، سپريم ڪوٽ قرار ڏنو هو ته 18 ترميم بعد به جناح اسپتال سنڌ حڪومت حوالي نٿي ڪري سگهجي، جي پي ايم سي پوسٽ گريجويٽ ۽ ميڊيڪل ريسرچ سينٽر آهي، درخواستگذار ملازمن چيو ته اعلي’ عدالتن جي حڪمن خلاف فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ملازمن تي نان ڪميشنڊ آفيسرز مقرر ڪيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت رٽائرڊ ۽ من پسند نان ڪميشنڊ آفيسرز کي مختلف کاتن ۾ مقرر ڪري رهي آهي، جي پي ايم سي جي اصل ملازمن جا حق دٻايا پيا وڃن، ترقيون به روڪيون ويون آهن، درخواستگذار ملازمن چيو ته جناح اسپتال کي سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق وفاق جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جناح اسپتال ۾ سنڌ حڪومت جي مداخلت کي به روڪيو وڃي، عدالت سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو.