ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح اسپتال سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي جناح اسپتال، جناح سنڌ يونيورسٽي کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ٻڌڻي چار هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار ڊاڪٽر ظفر جي وڪيل نعيم اقبال چيو ته وفاق 25 سالن لاءِ جناح اسپتال سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏي آهي، اسان وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي معاهدي کي چيلنج ڪيو آهي، جناح اسپتال انتظاميا اڃا تائين جواب جمع ناهي ڪرايو، قانون موجب وفاق صوبن کي سموري اداري بجاءِ اداري جو مخصوص فنڪشن ڏئي سگهي ٿو، سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته جناح اسپتال وفاقي ادارو آهي، هتي ريگيولر ملازمن جا حق متاثر ٿي رهيا آهن.