ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح اسپتال ۾ ضابطن خلاف مقررين بابت ڊاڪٽر محمد سليمان جي درخواست تي ڊاڪٽر ڪوثر عباس سلديره جي 20 گريڊ ۾ پروفيسر فزيالوجي طور مقرري جو نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيو، عدالت ڊاڪٽر ڪوثر عباس جي بي پي ايس 19 ۾ ترقي کي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته سروس رولز آڌار چار هفتن اندر پروفيسر فزيالوجي جي خالي آسامي تي مقرري ڪئي وڃي.