ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  ڪراچي جي جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب  طلب ڪري ورتو، ڊاڪٽر شاهد رسول جي ڊيپيوٽيشن تي مقرري کي چيلنج ڪندڙ ڊاڪٽر نازش بٽ جي وڪيل چيو ته جي پي ايم سي وفاق تحت هلي ٿو، وفاقي حڪومت پاران جوڙيل رولز مطابق ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي پوسٽ تي هيٺين گريڊ جي آفيسر کي پروموٽ ڪيو ويندو يا  وري پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي نئين مقرري ٿيندي، سنڌ حڪومت جناح اسپتال جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي مقرري لاءِ وفاقي حڪومت سان مشاورت ناهي ڪئي، ڊاڪٽر شاهد رسول جي ڊيپيوٽيشن تي مقرري وقت جناح اسپتال جي رولز کي به نظر ۾ نه رکيو ويو، وڪيل چيو ته ڊاڪٽر شاهد رسول ايگزيڪيوٽر ڊائريڪٽر جي پوسٽ لا۽ اهل ناهي، کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم جاري ڏيو .