“جمھوريت کان انتقام” عرف “شفاف چونڊون”

0
34
“جمھوريت کان انتقام” عرف “شفاف چونڊون”

ھن ڪالم لکڻ وقت ٽيبل تي رکيل ڪاري ڪافيءَ واري ڪپ جي ٻھڪندڙ ٻاڦ ۽ دريءَ جو ڌنڌلايل شيشو ۽ ٻاھر واري وسندڙ مينھن جون ٿڌيون ڪڻيون، صرف اھو آسرو نه ٿيون ڏين ته المارين مان اھتمام سان رکيل گرم لباس زيب تن ٿيڻ کان سواءِ ھي سيارو نه گذرندو! پر ھن وڏي آباديءَ واري شھر کي مجبورين انسانن ۽ مغرور بلڊر مافيا جي حوالي ڪرڻ واري فيصلي سبب ڪجھ ماڻھن جي جيڪو ڪارو ناڻو ۽ باقي خلق جي لاءِ جيڪا اذيت پيدا ٿي آھي، ان جي پيڙا کي شدت سان محسوس ڪرڻ واري ھڪ به پارٽي ھن ڀيري “شھر ڪراچيءَ” جي روڊن تي پنھنجا چونڊ نشان لھرائڻ کان محروم آھي.

                 سنڌ صرف پنھنجي رٺل راڄڌانيءَ تائين محدود ته ناھي. گذريل ڏينھن کان وٺي ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو ھر شھر ڏينھن جو ڪڪرن جي ڪڙڪاٽن کي ٻڌي رھيو آھي ۽ رات جو انھن کنوڻ جا کيل ڏسي رھيو آھي، جن لاءِ شيخ اياز لکيو ھو:

”ڪانھي چين ڪکن

اڄ به سونيون سنگھرون

بادل منجھ بکن“

ھڪ پراڻي پر مشھور انگريزي گاني جا ٻول آھن:

History, Water, Color, Memories

يعني اتھاس، رنگ ۽ پاڻي وسريل يادون واپس ورائيندا آھن.

سنڌ مٿان پيل اھي برساتون جن لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي “نئين سوچ” جو عَلم کڻي ھلندڙ چيئرمين بلاول اڄ ڪالھ چونڊ جلسن ۾ عام جام “قيامت سي پھلي قيامت” وارا لفظ استعمال ڪري رھيو آھي، انھن برساتن کي ايترو وقت ھرگز نه گذريو آھي، جو اھي ويسر جي ويرن ۾ وھي وڃن ۽ ڪڏھن  به ياد نه اچن. اڄ به آسمان مان ايندڙ پراڻي پاڻيءَ سبب ميسارجي ويل پراڻي سنڌ جا نشان صاف نظر اچن ٿا. اھا لڙھي ويل پراڻي سنڌ، جنھن مٿان لکن محفوظ گھرن وارو واعدو وفا ٿي نه سگھيو آھي ۽ نئين سنڌ صرف سياسي پارٽين جي اليڪشن منشور کان سواءِ ٻيو ڪٿي به نظر نه ٿي اچي. جيڪڏھن نظر اچي رھيا آھن ته ھڪ دفعو ٻيھر ٿڌي ڌنڌ ۾ وڪوڙيل اھي روڊ ۽ رستا، جن تي رکيل سيمنٽ بجريءَ جو ڪاسميٽڪ ڪم مينھن جي ڪڻين سبب ظاھر ٿي پيو آھي. اھي روڊ ۽ رستا سنڌ کي ڪھڙي ترقيءَ جي منزل جو اتو پتو ڏيندا، جن جي پاسن تي برسات سبب پسيل جھنڊا سوڳ ۽ شرم سبب جھڪايل پرچمن جو ڏيک ڏئي رھيا آھن ۽ سوشل ميڊيا تي چونڊ مھم ۾ نڪتل ڀوتارن جون وڏيون گاڏيون گپ ۾ ڦاٿل نظر اچن ٿيون ۽ صبح تائين موبائل ذريعي قوم کي جاڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ نوجوان بار بار اھو پيغام عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن ته، “ھيءَ برسات ھن ڀيري صرف ان لاءِ پئي آھي ته جيئن ھڪ مخصوص پارٽيءَ کي ووٽ وجھڻ وقت اھي گذريل برساتون به ياد ڪري سگھو، جن جو اھم پھلو مذڪوره پارٽيءَ جي بدانتظاميءَ جو نتيجو به ھو. ان ٻوڏ ۾ ڪِري پيل گھرن جون عزت واريون عورتون امدادي ڪئمپن ۾ ميري پاڻيءَ جون بوتلون ڏيکارڻ تي مجبور ھيون ۽ ڀرسان ھو ھڪ بکايل ٻارڙي مٽيءَ جي ماني ۽ پاڻيءَ جو ٻوڙ پچائي پنھنجي بک کي بھلائڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي.

”بٺ تي بوند اٺي او مٺڙا

بٺ تي بوند اٺي

پنھنجا ساري، ھنجون ھاري

ھر ڪا مينھن مٺي او مٺڙا

بٺ تي بوند اٺي“

اھي بوندون، جيڪي تڪڙ سان ويندڙ محبوب مھمان کي ويڻيءَ کان وٺي ڪجھ پل وڌيڪ ترسائڻ جي ڪوشش ڪري رھيون آھن، انھن سبب ھڪ ھلڪي ئي سھي پر گھڻ طرفي مشڪل ته پيدا ٿيندي، اھي ووٽ وٺڻ جي لاءِ، جن جا نوٽ اڳواٽ ڏنا ويا آھن.

جمهوريت جو اھو جلوو ٽين دنيا جي ٻين ڪھڙن ڪھڙن ملڪن ۾ موجود آھي؟ ان سلسلي ۾ ته ڪا عالمي ۽ علائقائي تحقيق ٿيڻ گھرجي پر ھڪ ڳالھ اھم آھي ۽ اھا تڪليف محسوس ڪندي به تسليم ڪرڻي پوندي ته اسان جي آس پاس اھڙو ڪو ملڪ مشڪل سان نظر اچي ٿو، جنھن ۾ جمھوريت جو اھڙو حشر ڪيو ويو ھجي، جھڙو اسان جي مٺڙي ملڪ ۾ آھي. جمھوريت جي مقتول فاختا بينظير ڀٽو “جمھوريت بھترين انتقام” جو نعرو ڏئي اسان وٽ فڪر ۽ ذڪر جون ڪيئي واٽون وائکيون ڪري ڇڏيون. انھن ۾ ھڪ جمھوري واٽ تي بيھي ڀلي چيو وڃي ته “جمھوريت عوام کان انتقام” نه سمجھڻ گھرجي. پر ھڪ نئين واٽ جي مٿان ان نعري جو بورڊ آويزان ڪري ان مٿان اھو لکي سگھجي ٿو ته، “جمھوريت جي نالي ۾ اسان جرنيلن ۽ جاگيردارن توڙي عالمي آمريت پرستن کان انتقام ورتو ھجي يا نه پر اسان جمھوريت جو اھو حشر ضرور ڪيو آھي، جيڪو منٽو ۽ ڪرشن چندر جي افسانن ۾ مظلوم پر حسين دوشيزه سان اھو نظام ڪندو ھو، جنھن ۾ ھوءَ انصاف گھرڻ جي لاءِ گھر کان نڪرندي ھئي.

جمھوريت کان انتقام ان کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو وٺي سگھجي ٿو، جڏھن اسان جي نظام ۾ جمھوريت جي اصل تشريح کي صرف ھڪ لفظ جي ڦير گھير سان مڪمل طور تي تبديل ڪيو ويو آھي. 19ھين صديءَ جي اوائلي ذھن وارن انسانن کي پنھنجي ملڪ جي لاءِ جمھوريت کي بھترين نظام طور پيش ڪندڙ آمريڪي جي 16ھين صدر ابراھم لنڪن چيو ھو:

Democracy is a government of the people, by the people and for the people

يعني: جمھوريت معنيٰ اھا حڪومت جيڪا عوام جي ھجي، عوام پاران ھجي ۽ عوام لاءِ ھجي! ڇا پاڪستان جي جمھوريت ان آمريڪي ڪسوٽيءَ تي پورو لھڻ جي ھمت به ڪري سگھي ٿي؟ ھتي ته جمھوريت جو اھو حشر ڪيو ويو آھي جو ھاڻي پاڪستان جي پسمنظر ۾ جمھوريت جي مٿان اھا تھمت مڙھي پئي وڃي:

Democracy is a government “off” the people, “buy” the people and “far” the people.

يعني: جمھوريت معنيٰ اھڙي حڪومت جيڪا عوام کان عدم ھجي، جنھن ۾ ماڻھو خريد ڪيا وڃن ۽ جنھن ۾ ماڻھو دور رکيا وڃن! جڏھن جمھوريت جو ھڪ ملڪ ۾ اھڙو حشر نشر ڪيو وڃي ته ان ملڪ ۾ “جمھوريت ذريعي انتقام” جي ڳالھ ڪنھن به طرح سان نه ٿي سونھين. اسان کي موجوده ماحول جي منظر ڪشي ان طرح سان ڪرڻي پوندي ته، “جمھوريت کان انتقام“!

بلڪل ھو باغي نظريو. ھڪ اھڙي سرڪش سوچ، جنھن کي پنھنجي پاران ٻھ ٻھ ڪندڙ ٻول ڏيندي اياز لکيو ھو:

”ھر تصور، ھر تخيل،

زندگيءَ کان انتقام“

پر جڏھن تصورن ۽ تخيلن کي انتقام جو نشانو بڻايو وڃي ته پوءِ باقي ڇا ٿو بچي؟ باقي بچي ٿو “صاف، شفاف ۽ آزاد اليڪشن” جو اھو اعلان، جيڪو ھن وقت اھڙي گھگھوءَ وانگر وڄندو محسوس ٿي رھيو آھي، جھڙا گھگھو ڪنھن دور ۾ ايمرجنسيءَ جي وقت وڄايا ويندا ھئا. ممڪن آھي ته تحريڪ انصاف جا ڪجھ بچيل سچيل ڪارڪن اھڙا نعرا ھڻن، جھڙا نعرا گلابي جمھوريت جي دور ۾ سرخ سياست ڪرڻ وارا ھڻندا ھئا. ڇو ته ھن وقت “ممي ڊيڊي” قرار ڏني ويندڙ پارٽيءَ سان اھو حشر ڪيو ويو آھي، جيڪو سرد جنگ واري دور ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي قيادت ۽ سرگرم ڪارڪنن سان ڪيو ويندو ھو. صرف پاڪستان ۾ نه پر ايران ۽ ترڪيءَ ۾ به!!

ھن وقت سياسي سزا جي جيڪا صليب باني پي ٽي آءِ عرف ابو سليمان جي ڪلھن تي سجائي وئي آھي، ان جي حوالي سان اھو فيصلو ڪرڻ تمام گھڻو مشڪل محسوس ٿي رھيو آھي ته ان ۾ تڪليف سور جي وڌيڪ آھي يا توھين جي احساس جي!!؟؟ جھڙي طرح ڪراچيءَ ۾ پنھنجي مخصوص انداز واري ٽرسٽ ھلائڻ واري فيشني مڇون رکڻ واري “فڪس اٽ“ FIX IT ” جي بانيءَ کان به پارٽيءَ جو بيٽ وارو نشان کسي کيس ووٽ وٺڻ جي لاءِ “واڱڻ” جو نشان ڏنو ويو آھي ۽ ان کان وڌيڪ جھڙي طرح “مور” جو مطالبو ڪندڙ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کي عام چور وانگر ماحول ۽ محسوسات ڏيندي ھن مٿان چونڊ وڙھڻ جي صورت ۾ چونڊ نشان طور “گڏھ گاڏو” مڙھيو ويو آھي، ان کان گھڻو وڌيڪ انھن جيلن ۽ ريلن جي قيدين جي اسير اڳواڻ مٿان جھڙي ريت چونڊن کان ٽي ڏينھن اڳ ۾ ھڪ ھفتي اندر سزائن جي ھيٽرڪ مڪمل ڪئي وئي آھي ۽ کيس عدت ڪيس ۾ آخري سزا ته اھڙي سڻائي وئي آھي، جو ھن جي سياسي مخالفن جا به ڪنڌ شرم کان جھڪي ويا آھن ۽ انھن جي لھجن ۾ جيڪا لڄ آھي، اھا عام ٻڌندڙ به آسانيءَ سان محسوس ڪري سگھي ٿو. ڇو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ھن مھل تائين ڪنھن به ليڊر جي مٿان اھڙو ڪيس نه ھليو آھي، جنھن ۾ ھڪ ٻئي کي زال مڙس مڃيندڙ جوڙي مٿان اھو فيصلو مسلط ڪيو وڃي ته ھاڻي ھو قانوني طور تي ھڪ شادي شده جوڙو نه رھيا آھن.

پاڪستان ھڪ اھڙو ملڪ آھي، جنھن جي معاشري ۾ ھن مھل به لکن نه پر ڪروڙن ماڻھن وٽ نڪاح نامن وارا تصديق ٿيل ڪاغذات ناھن. ڇا ان صورت ۾ عدالتون خاندانن کي ناجائز قرار ڏيڻ جو حق استعمال ڪري سگھنديون؟ ھڪ چور به قيدي ٿي ويندو آھي ته ھو پنھنجن ڏوھن جي بار کان معاشري جي نظر ۾ آجو ٿيڻ لڳندو آھي. جڏھن ته پي ٽي آءِ جو باني عالمي، قومي ۽ سوشل ميڊيائي سرويز ۾ به ملڪ جي سڀ کان مشھور اڳواڻ طور اڀري آيل آھي ۽ سندس شھرت ۾ ھن جي مخالف ڪردارن جو ڪيترو ھٿ آھي؟ ان سوال کي بحث بھاني ٽاڪ شوز ۾ ايترو وڍيو ڪٽيو ويو آھي، جو ھاڻي ان جو اصل وجود تلاش ڪرڻ ممڪن نه رھيو آھي. پر ان حقيقت کان ھن وقت به ڪوئي انڪار نه ڪري سگھندو ته ھڪ شخص ۽ ھن جي شھرت سميت سندس ڪارڪنن ۽ ھمدردن کي قابو ڪرڻ کان سواءِ باقي ٿيندڙ چونڊن کي آزاد قرار نه ڏيڻ زيادتي ٿيندي. ڇو ته ھن مھل تائين پيپلز پارٽي کان ويندي عوامي نيشنل پارٽيءَ تائين ۽ جميعت علماءِ اسلام کان وٺي جماعت اسلامي تائين ڪنھن به پارٽيءَ جي ڪنھن به اميدوار ته ڇا پر ڪنھن ڪارڪن کي ڪنھن ڪوڙي ته ڇا پر ڪنھن سچي ڪيس ۾ به قيد نه ڪيو ويو آھي.

ٻن ڏينھن کان پوءِ ٿيندڙ چونڊون مٿين حوالي سان “مشروط آزاد” به آھن ۽ ان ۾ مخصوص ماڻھن کي پري رکي کيس “مشروط صاف” به رکيو بڻايو ويو آھي. باقي “شفاف چونڊن” جي ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي صورت ممڪن ٿي سگھي ٿي؟ جڏھن ووٽن کان اڳ ۾ صاف نظر اچي ته ڪير ڪامياب ٿي رھيو آھي ۽ ڪير چوٿون ڀيرو پنھنجي سر مٿان تاج سجائڻ جي لاءِ تيار ٿي رھيو آھي ته ان کان وڌيڪ “شفاف” چونڊن جو نه ته ڪو ھن مھل تائين مثال موجود آھي ۽ نه وري اھڙي “شفاف” چونڊ ۾ ڪنھن کي به “شڪ” ڪرڻ گھرجي.