جمھوريت جي نرسري تصور ٿيندڙ شاگرد يونينون بحال ڪريو

0
37
جمھوريت جي نرسري تصور ٿيندڙ شاگرد يونينون بحال ڪريو

ڪراچي ۾ ھڪ تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته، شاگرد سياست تي پابندي سبب وڏو نقصان ٿيو. بلدياتي سياست کان نوجوانن کي سياست شروع ڪرڻ گھرجي. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته، پاڪستان جي آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي مشتمل آھي، ھڪ منصوبي تحت اسان جي نوجوان نسل کي غير سياسي بڻايو ويو آھي، ضياءَ دور ۾ سياست کي غير متحرڪ ڪيو ويو ھو، شاگرد يونين بحال ٿيڻ گھرجن.

جمهوريت اهڙو نظامِ حڪومت آهي، جنهن ۾ عوام پنهنجي راءِ ذريعي پنهنجي حڪومت چونڊيندو آهي. هن نظام ۾ هر طبقو، هر شعبي ۽ هر فرد کي پنهنجي آواز بلند ڪرڻ جو حق مليل آهي. شاگرد يونين جمهوري نظام ۾ هڪ بنيادي ۽ قائدانه ڪردار ادا ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته اها نوجوان نسل جي سياسي، سماجي ۽ تعليمي ترقي ۾ اهم بنياد بڻجي ٿي. تعليم ڪنهن به قوم جي ترقي جو بنياد آهي ۽ شاگرد يونين هن عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. يونين نه رڳو شاگردن جا مسئلا اجاگر ڪري ٿي، پر انهن جي حل لاءِ انتظاميا سان اثرائتو رابطو پڻ قائم ڪري ٿي. تعليمي ادارن ۾ بهتر ماحول مهيا ڪرڻ ۽ شاگردن جي حقن جي تحفظ لاءِ شاگرد يونين جو ڪردار ساراهه لائق آهي. شاگرد يونين جمهوريت جي نرسري سڏجي ٿي. هتي شاگردن کي جمهوريت جا اصول، قيادت ۽ تنظيم سازي جي سکيا ڏني ويندي آهي. شاگرد يونين ۾ شامل نوجوان اڳتي هلي ملڪ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. جمهوريت جي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته شاگرد يونين شاگردن کي شعور، آگاهي ۽ قيادت جا موقعا فراهم ڪري ٿي. نه رڳو اھو، پر شاگرد يونين سياسي شعور جي بيداري ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي. اها نوجوان نسل کي سياسي حقن، جمهوري قدرن ۽ انصاف جي اهميت کان آگاهه ڪري ٿي. يونين جي پليٽ فارم تي شاگرد مختلف مسئلن تي بحث ۽ مباحثو ڪندا آهن، جيڪو انهن جي سوچ ۽ سمجهه کي وسيع ڪندو آهي. شاگرد يونين انساني حقن جي تحفظ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي پر افسوس جي ڳالھ اھا آهي ته پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان شاگرد يونين تي پابندي لاڳو آهي، شھيد محترما بينظير ڀٽو جي دور ۾ ڪجھ عرصي لاءِ پابندي ھٽائي وئي ھئي پر پوءِ وري پابندي پئجي وئي. ان کان پوءِ رڳا اعلان ٿيا آهن، پر معاملو اعلانن کان اڳتي وڌي نه سگهيو آهي. شاگرد يونينون نوجوان نسل کي نه رڳو سياسي شعور ڏينديون آهن، پر انهن جي اخلاقي ۽ فڪري ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن. هڪ مضبوط، منظم شاگرد يونين نه رڳو تعليمي ادارن، پر پوري سماج لاءِ هڪ مثبت تبديلي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. جمهوري قدرن جي واڌ ويجهه لاءِ شاگرد يونين جي بحالي وقت جي اهم ضرورت آهي.  پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ شاگرد يونينن تعليمي ادارن ۾ جمهوري اصولن جي واڌ ويجهه ۽ شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي جاکوڙ جاري رکي. 1950ع ۽ 1960ع جي ڏهاڪي ۾ اهي يونينون سياسي ۽ سماجي تحريڪن جو هڪ اهم حصو بڻجي ويون. شاگرد يونينن نوجوانن ۾ جمهوري قدرن کي فروغ ڏنو. انهن جي چونڊن شاگردن کي قيادت جا اصول، فيصلو ڪرڻ جا طريقا ۽ ٽيم ورڪ بابت سکيا ڏني.  يونينن شاگردن جي مسئلن، جهڙوڪ فين ۾ واڌ، هاسٽل جا مسئلا ۽ تعليمي معيار جي بهتر لاءِ آواز اٿاريو.  يونينن نوجوانن ۾ سماجي ۽ سياسي مسئلن بابت شعور پيدا ڪيو. انهن جي پليٽ فارم تان نوجوان مختلف سماجي مسئلن، جهڙوڪ غربت، بيروزگاري ۽ صنفي فرق تي ڳالهائڻ جي قابل ٿيا. شاگرد يونينن ڪيترن اهڙن اڳواڻن کي جنم ڏنو، جيڪي بعد ۾ ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا، جيئن  جاويد هاشمي، رضا رباني، معراج محمد خان ۽ ٻيا. پاڪستان ۾  1984ع ۾ جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ شاگرد يونينن تي پابندي لڳائي وئي. ڇو ته ضياءَ سياسي شعور کان خوفزده ھو. کيس خدشو هو ته اهي يونينون سندس اقتدار لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿيون. جمهوري سوچ رکندڙ نوجوان آمراڻين پاليسين خلاف آواز اٿاري سگهن ٿا. پابندي ذريعي حڪومت نوجوانن جي نظرياتي آزاد خيالن کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

شاگرد يونينون تعليمي ادارن ۽ سماجي نظام جو هڪ اهم حصو آهن. اهي نه رڳو شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ جو ذريعو آهن پر قومي سطح تي قيادت مهيا ڪرڻ جو پليٽ فارم به آهن. انهن تي پابندي نه رڳو شاگردن جي جمهوري سوچ کي ھاڃو رسايو، سياسي خال پيدا ڪري رجعت پسند قوتن کي موقعا فراھم ڪيا، پر سماجي ترقي ۾ به رڪاوٽون پيدا ڪيون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونينن کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن نوجوان پنهنجون صلاحيتون بهتر طريقي سان استعمال ڪري سگهن ۽ قومي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.