پاڪستان ٺھڻ سان ئي مالي بحران جو شڪار ھو، سلام آهي ان وقت جي اڳواڻن کي، جن انتظامي بحران ۽ آئين جي غير موجودگي ۾ ملڪ کي مالي طرح ايترو مستحڪم ڪيو جو اسان قرض وٺڻ وارا نه پر ڏيڻ وارا بڻيل رھياسين. صدر ايوب خان جي دور ۾ گڊو جو ٿرمل پاور ھائوس ٺھيو، خيرپور ۽ نوابشاہه کان گذرندڙ مھراڻ ھاءِ وي ٺھيو. ڄام شورو وارو غلام محمد بئراج ٺھيو ۽ ڪجھ ملڪن کي قرض به ڏنوسين، جڏھن ته ڊالر جي قيمت پنج ڇھ رپيا ھئي، جيتوڻيڪ ان وقت نه گئس لڌي ھئي، نه پئٽرول ۽ نه ٽول پلازه جا ٽئڪس ھئا ۽ نه اربين روپين جي موبائل لوڊ ڪرائڻ تي ملندڙ ٽئڪس. ان کان پوءِ 1970 ۾ جنرل يحيٰ خان آزادانه ۽ منصفانه چونڊون ڪرايون، جيڪي اولھ پاڪستان جي مک سياستدانن کي فوڊ پوائزن ٿي لڳيون ۽ نتيجا نه قبولي ملڪ ٽوڙي وڌائون. جنگ کان پوءِ اولھ پاڪستان جي ھڪ وڏي سياستدان کي پنجن ڇھن مھينن لاءِ سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ڪري رکيائون، جيڪو بعد ۾ صدر ۽ آخر ۾ 1973 جو آئين نافذ ٿيڻ بعد وزير اعظم بڻجي ويو. ھن جي وقت ۾ ڪافي خوشحالي آئي، نيشنل ھاءِ وي ٺھيو ۽ اسٽيل مل جھڙا وڏا پراجيڪٽ به ٺھيا، پر سندس وقت ۾ خارجه پاليسي جي ڀيٽ ۾ اندروني انتظام ڪمزور ھو ۽ ڊالر ٽي روپيا کن مھانگو ٿي ويو. پوين ڏينھن ۾ سڀ صنعتون بشمول ننڍا ڪارخانا قومي تحويل ۾ وٺي معيشت کي وڏو ڌڪ رسايائين. ٿيڻ اھو کپندو ھو ته پھريان ئي افرادي قوت تيار ڪري ھا ۽ پوءِ صنعتون تحويل ۾ وٺي ھا.
جنھن ڪري جڏھن 1977 ۾ جنرل ضياءِ الحق مارشل لا ھنئي ته کيس پھريون دفعو آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻو پيو، پر ھن اھو پنھنجي وقت ۾ ئي لاھي ڇڏيو. جمھوريت جي نالي ۾ کائيندڙ چوندا آھن ته ضياءَ الحق ڪلاشنڪوف ۽ ھيروئين آندي ۽ مخالفن کي ڪوڙا ھنيا. جمھوريت جون اکيون ڏسندڙ وري چون ٿا ته ضياءَ الحق ته ھيروئين آندي، جمھوريت ته آئيس ۽ ڪوڪين آندي آھي، ضياءَ الحق ڪلاشنڪوف آندي، جڏھن ته اڄ جي ڌاڙيلن وٽ اھڙا ھٿيار آھن جو چيو ٿو وڃي ته انھن جا آواز ٻڌي پوليس ڀڄي وڃي ھوٽل تي ٿي ساھي پٽي.
حقيقت ۾ ضياءَ الحق جا سڀ کان وڏا ٻه يادگار آھن، ھڪ ڀٽي صاحب کان پوءِ واري پيپلز پارٽي، جنھن لاءِ ھن محمد خان جوڻيجو جي حڪومت ختم ڪري پاڻ وٽ ڪابه پارٽي نه ھجڻ جي باوجود 1988 ۾ بينظير صاحبه جي آسري تي پارٽي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، جن جي نتيجي ۾ بينظير صاحبه وزير اعظم به ضياءَ الحق جي مري وڃڻ ڪري غلام اسحاق خان پيپلز پارٽي جي اميدوار جي حيثيت ۾ صدر بڻيو، سندس ٻيو تحفو نواز شريف آھي، ھنن ٻنھي تحفن ته ملڪ کي ان حال تي پھچايو آھي. جيتري قدر ڪوڙن لڳڻ جو تعلق آھي ته ماڻھون چون ٿا ته اسان کي ڪوڙا ڀلي ھڻو پر بک ۽ بيروزگاري ختم ڪيو.
ان جو تازو مثال اسان جي سامھون آھي جو ڪراچي جي جيل مان ڀڳل قيدي ھفتو به ٻاھر نه رھي سگھيا ۽ جيل موٽڻ ۾ فائدو محسوس ڪيائون ۽ اڪثر ماڻھو جنرل مشرف کي ياد ڪري رھيا آھن، جنھن جي وقت ۾ کنڊ 28 روپيا ڪلو، پئٽرول 70 روپيا لٽر ۽ ڊالر 80 روپين جي لڳ ڀڳ ھو. ان کان پوءِ آصف علي زرداري واري جمھوريت آئي، جنھن جي دور ۾ کنڊ جو ڪلو پھريون 70 روپين جو ٿيو ۽ پوءِ اڃان به وڌي ويو، پئٽرول ۽ ڊالر کي به پر لڳي ويا، ڇو ته سندس بقول:
Democracy is the best revenge
پر اھو ڪونه ٻڌايائين ته جمھوريت وسيلي ڪنھن کان پيو انتقام ورتو وڃي! ان وقت جو ھڪڙو واقعو ٿو ياد اچي جڏھن ھڪ ھوٽل واري ڪنھن پڙھئي لکئي ماڻھو کي چيو ھو ته مون کي يوٽيلٽي اسٽور تان کنڊ وٺي ڏئي، ٻين دوڪانن تان مھانگي ٿي ملي، ته ان پڙھئي لکئي ماڻھو چيس ته ووٽ ڪنھن کي ڏنا ھيئي، ھوٽل واري جواب ڏنس ته پي پي پي کي، جنھن ھن چيس ته پوءِ پي پي پي وارن عھديدارن کي چئو نه، ھوٽل واري وراڻيو ته مون ته شھيد راڻي کي ووٽ ڏنو ھو، ان تي ھن چيس ته پوءِ ان کي دانھن ڏئي ته ھوٽل واري چيس ته ان ويچاري کي ڪھڙي خبر، جنھن تي ان پڙھيل لکيل ماڻھو وراڻيس ته جڏھن ووٽ ڏينس پيو ته خبر پويس پئي باقي ھاڻي کنڊ جي خبر نه پئيس؟!
2013 جي چونڊن کان پوءِ مھانگائي ۾ اڃان اضافو ٿيو ۽ ملڪ تي اڃان وڌيڪ قرض جو بار پيو. 2018 ۾ عمران خان آيو، ان به ماڻھن کي بيزار ڪيو، اجايو کيس پنج سال پورا ڪرڻ بنا لاٿائون، نه ته نه ان جي پارٽي ھجي ھا ۽ نه پاڻ ٻيا ن ليگ ۽ پي پي پي وارا وارا وٺن ھا، ھنن عمران کي لاھي ايڏي ته مھانگائي ڪئي ۽ ڊالر کي سوا سئو روپيا وڌائي 285 روپين تائين پھچايو، جنھن ڪري ماڻھن کي جمھوريت تي اعتماد ئي نه رھيو آھي ۽ چون ٿا ته ڇڏيو جمھوريت کي، اسان کي سستائي ڪري ڏيو، بلڪل اھا ئي صورتحال آھي جيڪا 1999 ۾ نوازشريف جي وڃڻ وقت ۽ مشرف جي اچڻ وقت ھئي جو پوري ملڪ ۾ جمھوري حڪومت جي حمايت ۾ ھڪ به جلوس نه نڪتو.
جمھوريت به وري ڪھڙي آھي ووٽ ڏيو ھڪڙي کي کٽي وري ٻيو ٿو وڃي، لڳي ٿو ته اسٽالن پاڪستان جي جمھوريت لاءِ چيو ھو ته اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ واري کان ووٽ ڳڻڻ واري جي اھميت وڌيڪ ھوندي آھي. ھاڻي ووٽ ڳڻڻ وارن کي سوچڻ کپي ته ملڪ تي قرض چڙھڻ وقت ڪنھن جي حڪومت ھئي ۽ ڪھڙي ڪھڙي سياستدان جي مالي حالت اچانڪ بھتر ٿي وئي، گھٽ ۾ گھٽ انھن جي اڳتي اچڻ لاءِ سھولت ڪاري ته نه ڪئي وڃي.
اڃان به بھتر آھي ته جمھوريت کڻو ۽ سستائي موٽائي ڏيو، ھن جمھوريت جيئڻ جا سڀ دڳ بند ڪري عوام کي نفسياتي مريض بڻائي ڇڏيو آھي. بجلي ايڏي مھانگي ڪئي اٿن جو وڃي ٿي ته ماڻھو ان جي اچڻ لاءِ ان ڪري دعا نه ٿا گھرن ته متان بل نه وڏو اچي وري ضرورت بجلي ھلرائڻ لاءِ مجبور ڪرين ٿي. معنيٰ ھو ٻڏ تر ۾ آھن ته بجلي اچڻ لاءِ دعا گھرن يا وڃڻ لاءِ!
ماڻھن ان جو حل وري سولر پينل ذريعي ڪڍيو ته ان تي 18 سيڪڙو ٽيڪس ھڻي مھانگو ڪري ڇڏيائون، پئٽرول مھانگو ٿيو ته ماڻھن سي اين جي وغيره لڳائڻ شروع ڪئي، ان جي کپت ڏسي اھا به مھانگي ڪيائون جيڪا سئي، جوھي، ٽنڊو محمد خان وغيره مان قدرتي گئس ملي ٿي، ڇا گھريلو صارفين بجاءِ صنعتن تي استعمال ڪري رھيا آھن، جنھن مان نه ملڪ جي ترقي ٿي ڏسجي ۽ نه غريب عوام جو سک جيڪي ويچارا سلينڊرن تي گذارو ڪري رھيا آھن، الائي ڪيئن ٿي حڪومت کي خبر پئي جو اھي به مھانگا ڪندا ٿا وڃن. مطلب ته ھن جمھوريت اسان جي جيئڻ جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا آھن ۽ لڳي ٿو ته رھيل ڪسر به ڪڍي ڇڏيندي، ان ڪري جمھوريت پاڻ وٽ رکو، جمهوريت تي تجربا ڪرڻ بند ڪريو ۽ اسان کي سستائي ڪرائي ڏيو.