لاهور (م ڊ) وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته اپوزيشن جو گرينڊ اتحاد ملڪي سياست ۽ جمهوريت لاءِ سٺو هوندو، جهموريت ڊيڊلاڪ نه، پر ڊائلاگ سان ئي اڳتي وڌندي آهي، خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن  چيو ته حڪومت جي پاليسي ۾ ڪوبه فرق نه ايندو، پ پ اڳواڻن جي بيانن تي تبصرو ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو پيپلز پارٽي ڄاڻي ٿي ته اُها اسان کانسواءِ حڪومت نٿي ٺاهي سگهي، اتحاد قائم رکڻ اسان ٻنهي جي مجبوري آهي.