جمهوريت مضبوط ناهي، رياستي ادارا سياسي انتقام لاءِ استعمال نه ٿين، اسلام آباد ۾ سافٽ ويئر اپڊيٽ ٿيڻ جي ضرورت آهي: بلاول

0
41

لنڊن (م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪاري قانون پيڪا ۽ 26هين ترميم جو دفاع ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط ناهي، رياستي ادارا سياسي انتقام لاءِ استعمال نه ٿين، اسلام آباد ۾ سافٽ ويئر اپڊيٽ ٿيڻ جي ضرورت آهي، تڪراري پيڪا قانون ائين منظور ناهي ٿيو جيئن شروع ۾ تجويز ڪيو ويو، ابتدائي مسودي ۾ هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ تي 30 سال قيد جي سزا شامل هئي، پيپلزپارٽي پيڪا قانون ۾ شامل ڪري ترميمون منظور ڪرايون، آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ڳالهه ٻولهه دوران بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته 26هين ترميم منظور ڪرائَي جهموريت کي ڪمزور ناهي ڪيو، پيپلز پارٽي 26هين آئيني ترميم جي منظوري ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو، 26هين ترميم اصل نه، پر هڪ ڪمپرومايئزڊ شڪل ۾ منظور ٿي آهي، حقيقت اها آهي ته جهموريت گهڻي مستحڪم نه آهي، اسان کي هر شيءِ، هر راءِ، ٽوئيٽ ۽ هيڊلائين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي خواهش مان نڪرڻو پوندو، ميڊيا کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي، اسلام آباد ۾ سافٽ ويئر اپڊيٽ ٿيڻ جي ضرورت آهي.