جمهوريت جي قافلي جو سرواڻ شهيد فاضل راهو

0
137
جمهوريت جي قافلي جو سرواڻ شهيد فاضل راهو

 17 جنوري 1987ع تي جنهن وقت سن سميت پوري سنڌ ۾ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگره جون ننڍيون وڏيون تقريبون ملھائجي رهيون هيون ته اوچتو بي بي سي اردو سروس اها افسوس ناڪ خبر ڏني ته مشهور هاري اڳواڻ ۽ عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي سينيئر مرڪزي نائب صدر محمد فاضل راهو کي شهيد ڪيو ويو آهي. اطلاعن مطابق اهو هانءُ ڏاريندڙ واقعو بدين ضلعي جي ڳوٺ گولاڙچيءَ ۾ منجهند جو ٻه وڳي پيش آيو هو. بظاهر ته ان واقعي کي ذاتي دشمنيءَ جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر حقيقت ۾ هي هڪ سياسي سازشي قتل هو. ياد رهي ته کيس ان کان اڳ به ڪراچي جي لانڍي جيل ۾ هڪ ساٿي قيدي طرفان سازش تحت زهر به ڏياريو ويو هو. جنھن جي واپرائڻ کان پوءِ هو ڪيترن ڏينهن تائين زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رھڻ کان پوءِ موت کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ھو. پر هن ڀيري سازشي ڪامياب ٿي ويا. سنڌ جو هڪ وڌيڪ سورمو شهادت جو رتبو ماڻي سرخرو ٿي دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ان کان سواءِ ھن کي پنھنجي سياسي وابستگي ۽ نظرين جي ڪري ڪيترائي ڀيرا ڪيسن ڦاسائي به جيل موڪليو ويو ۽ ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، سکر، ۽ ملڪ جي ٻين ڪيترن ئي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو.

سنڌ جي شھيدن مان ھڪ وڏي رتبي وارو ھي شھيد، شھيد محمد فاضل راهو 1934ع ۾ بدين ضلعي جي هڪ ننڍڙي شهر راهوڪيءَ جي ھڪ زميندار احمد خان راهو جي گهر ۾ پيدا ٿيو ھو. ھن شعور ماڻيندي ئي جنرل ايوب خان جي ڪاري دور ۾ ون يونٽ جي خلاف جاکوڙيو، ايوب خان مان ڇوٽڪاري کان پوءِ ھن يحييٰ خان جھڙي عياشي آمر سان به جنگ جوٽي ۽ نيٺ ضياءَ الحق جي ظالمانه آمريت جي دور ۾ به مرڻ گهڙيءَ تائين جمھوريت لاءِ جدوجھد ڪندي حق ۽ سچ تان جند گھوري ڇڏيائين. هو آخرڪار هڪ وڏي سازش جو شڪار ٿيو ۽ فاضل چانگ ۾ 17 جنوري 1987ع تي گولارچي شهر ۾ ڏينهن جي روشنيءَ ۾ کيس قتل ڪيو.

فاضل راهو کي ان وقت تي قتل ڪيو ويو، جڏهن هو 1983ع کان پوءِ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ (MRD) جي سڀ کان اهم اڳواڻن مان هڪ اڳواڻ طور پنهنجي حيثيت مڃرائي چڪو هو. سندس شھادت نه صرف جمھوري تحريڪ لاءِ پر پوري پاڪستان جي حقن واري تحريڪ لاءِ پڻ ھڪ وڏو نقصان ھو. ايم آر ڊي واري  تحريڪ ۾ عوامي تحريڪ جي لڳ ڀڳ 1200 ڪارڪنن کي پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي سوين ڪارڪنن سميت گرفتار ڪيو ويو هو. شهيد فاضل راهو ضياءَ جي دور ۾ بدين ضلعي ۾ فوجي آمريت خلاف عوام کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي وڏا احتجاجي جلسا ڪيا.فاضل راهو کي نشتر پارڪ ۾ هڪ وڏي عوامي جلسي ۾ ان جي جدوجهد جي مڃتا ڏيندي اي اين پي جو سينيئر نائب صدر چونڊيو ويو هو، جتي پنج پارٽيون جن ۾ ولي خان جي اڳواڻي ۾ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي، غوث بخش بزنجو جي پاڪستان نيشنل پارٽي، معراج محمد خان جي قومي محاذ آزادي ۽ سردار شوڪت حيات جي مزدور هاري پارٽي ۽ رسول بخش پليجي جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ هڪ پارٽي ۾ ضم ٿي ويون هيون. انهن فيصلو ڪيو هو ته اي اين پي فوجي راڄ خلاف گڏيل جدوجهد ڪندي. شهيد فاضل راهو جنرل ايوب خان جي دور کان جمهوريت جي لاءِ ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪئي ۽ ان وقت جي طاقتور صدر فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان جي حمايت ڪرڻ بدران هن پاڪستان جي باني جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو، جڏهن محترمه 1965ع ۾ اليڪشن وڙهي رهي هئي. انهن چونڊن ۾ کيس ترائي يونين ڪائونسل جو چيئرمين چونڊيو ويو. ان ساڳي دور ۾ هو ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ به سرگرم رهيو. جيڪا تحريڪ سنڌ سميت اوڀر پاڪستان ۾ صوبن کي ختم ڪري هڪ يونٽ ۾ تبديل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ سميت سمورن صوبن جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهي هئي.

سنڌ ۾ ون يونٽ جي خلاف سڀ کان وڌيڪ اعتراض ۽ احتجاج ٿي رهيا هئا ۽ حيدرآباد ان وقت ون يونٽ مخالف تحريڪن جو ڄڻ ته مکيه مرڪز هو، جنهن تحريڪ ۾ سمورا قوم پرست ۽ جمهوريت پسند طبقا ۽ ڌريون شامل هيون. فاضل راهو 1968ع ۾ ون يونٽ واري نظام خلاف بدين کان حيدرآباد تائين هڪ وڏي جلوس جي اڳواڻي ڪئي.فاضل راهو 70ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ “ووٽر لسٽون سنڌي ۾ شايع ڪريو” تحريڪ جي اڳواڻي پڻ ڪئي. شهيد فاضل راهو عوامي تحريڪ جي بانين مان هڪ هو، جيڪا 1970ع ۾ قائم ٿي. فاضل راهو سنڌ جو انھن برک اڳواڻن مان هو، جنهن کي مزاحمت ۽ تحريڪ جي سياست ۾ عورتن جي ڀرپور شرڪت تي پورو پورو يقين ھو. سندس ڌيءَ شهناز راهو سنڌياڻي تحريڪ جي پهرين صدر چونڊجي وئي. فاضل راهو پنهنجي سڄي زندگي آمراڻي راڄ خلاف وڙهندي گذاري ڇڏي ته جيئن هارين ۽ پسمانده طبقن جي زندگيءَ ۾ عوام جي طاقت سان حقيقي تبديلي آڻي. ائين ڪندي ئي ھو جام شھادت نوش ڪري ويو.فاضل راهو نه رڳو هارين ۽ سماج جي ٻين مظلوم طبقن لاءِ جنگ وڙهي، پر جنرل ضياءَ پاران لاڳو ڪيل سنسرشپ قانونن جي خلاف جدوجهد ۾ صحافين سان به گڏ گڏ رهيو. ان جدوجهد ۾ عوامي تحريڪ جو شاندار ڪردار رهيو.  عوامي تحريڪ ۾ کيس رتبي ۾ پارٽي جي تڏهوڪي سربراهه رسول بخش پليجو جي برابر سمجهيو ويندو هو. مختلف پارٽين جي ونگن جي قيام دوران به هو اڳتي هلي رهيو، جن ۾ سنڌي سجاگ ٻار تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ شامل آهن.