عمرڪوٽ: سنڌ جي سياسي شخصيتن ۽ فنڪارن چيو آهي ته جمن دربدر کي ڪڏھن به وساري نٿو سگھجي، ايس يو پي صدر سيد زين شاهه چيو ته جمن دربدر جو وڇوڙو انتهائي ڏکوئيندڙ آھي، هن ڏکئي دور ۾ قومي غلامي مان نجات جو پيغام جھر جھنگ پڄايو، سندس مثالي قومي ڪردار سدائين ياد رھندو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته جمن دربدر سائين جي ايم سيد جو فڪري پيروڪار ھو، گرمي ھجي يا سردي پيرين پنڌ سنڌ جي جھر جھنگ ۾ سائين جي ايم سيد جو پيغام پھچائيندو رھيو، سندس شاعري جون سٽون وٺي ھر ھر جنم وربو سائين جي ايم سيد پاڻ پيو جھونگاريندو ھو، نه ڪنھن صلي جي تمنائي رھيو  ۽ نه ئي زر جي پويان رهيو، ھو فقط ۽ فقط سنڌ جي خوشحالي لاءِ پتوڙيندو رھيو، فنڪار شفيع فقير چيو ته صبح اک کولي ته ھي دردناڪ خبر لوڏي ڇڏيو، هو جسماني طور ھميشه لاءِ جدا ٿيو آھي پر روحاني طرح روح ۾ رھندو، امير آزاد پنھور چيو ته جمن دربدر سڄي قومي تحريڪ جو مامو ھو، جمن دربدر سائين عبدالواحد آريسر ۽ ٻين ساٿين جي ساٿ ۾ ھلندي سائين جي ايم سيد جي فڪر کي ڳوٺ ڳوٺ پھچايو.