جمعو فقير، بشير ساربان ۽ گونگو جت

0
28
جمعو فقير، بشير ساربان ۽ گونگو جت

ان ڏينهن گونگي جت جي دعوت تي سندس ڳوٺ وياسين…هن جي ڪيترن ڏينهن کان خواهش ھئي ته آئون ابراهيم مخدوم، سومار علي ملاح ۽ بچل ننڌو سندس مهمان ٿيون، سو مقرر ڏينهن تي اسان سندس لانڍي نما اوطاق تي پهتاسين، اوطاق تي پهچڻ کان پوءِ مون کي سنڌ جي قديم مهمانوازيءَ جو سارو عڪس ذھن ۾ تري آيو، ٻھراڙين جون ڪچيون اوطاقون، اوطاقن سامهون ٻٻرن ۽ نمن جا گهاٽا وڻ، وڻن هيٺ کٽون پيل، ڇانوَ ۾ ھوا تي پاڻيءَ جا مٽڪا رکيل، مهمانن جي آمد کان پوءِ ماني، مکڻ ۽ گهاٽي لسي پيش ڪرڻ، ڳوٺاڻن جو ٻپهري توڙي رات جو اوطاق ۾ گڏجڻ، سنڌ ۾ قديمي اوطاقن جو رواج هو، ڪلهوڙن جي دور ۾ اوطاقن ۾ رهاڻن سان گڏ ڳائڻ وڄائڻ به ٿيندو هو، اوطاق ترڪي ٻولي جو لفظ آھي، جنهن جي معنيٰ آھي ڪوٺي،  تنبو، دالان، گهر جي جاءِ کان ٻاهر ڪچهريءَ جي جاءِ، مهمان خانو، اوطاقون، مسافرن جي خدمت ڪرڻ سان گڏ سماجي زندگيءَ ۾ سليقي سکڻ جون درسگاهون پڻ رھيون آھن، اوطاقن ۾ آئي وئي جو آڌرڀاءُ ڪرڻ سان گڏ، ماني کارائي، حال احوال وٺي، هنڌ بسترو ڏيئي مسافرن کي رهايو ويندو هو، آڳاٽي وقت ۾ ٻھراڙين ۾ لانڍي نما اوطاقون هونديون هيون، جيڪي هاڻي گهٽجي ويون آھن، هاڻي انهن اوطاقن جي جاءِ بنگلن اچي والاري آھي، جتي عام مسافرن جي رهڻ جي جاءِ ناهي.

اوطاقون نه رڳو آيل مسافرن يا دوستن جي رھڻ جو هنڌ رهيون آھن، پر اتي مٽي مائٽيءَ جا رشتا طئي ڪرڻ کان ويندي شاديون ۽ راڄوڻي فيصلا به ڪيا ويندا هئا. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾  اوطاقن زور ورتو، ان وقت اوطاقن جو هڪ نئون تعارف فقيرن جو دائرو به وجود ۾ آيو، ميان آدم شاهه ڪلهوڙي، ميان وال تحريڪ جو بنياد رکي، اوطاقن کي رونق بخشي ۽ ڄڻ ته ميان وال تحريڪ اوطاقن مان ئي اڀري مٿي چڙھي هئي…ميان وال تحريڪ ۾ ملتان، گنڌاواهه، اچ، بهاولپور، سبي سميت ڪيترن ئي علائقن جا بلوچ توڙي ٻين ذاتين جا ماڻھو ڪلهوڙن جا مريد ٿيڻ لڳا ۽ انهن ماڻھن فقيرن جو دائرو نالي سان اوطاقون قائم ڪيون، اهڙن فقيرن جي دائرن جي قديم سلسلي جون ڪڙيون اڄ به خيرپور ناٿن شاهي ۾ غلام حيدر گاڏھي ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ملن ٿيون، جتي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي مسافرن کي اتي رهايو ويندو آھي، ۽ سندن سار سنڀال ڪئي ويندي آھي، مون کي فقيرن جي دائري ۾ ڀٽڪندي هڪ گداگر ۽ بادشاهه جي سنگت جو قصو ياد ٿو اچي، جيڪو مون ڪيئي سال اڳ ڪٿي پڙھيو هو، جنهن ۾ لکيل هو ته لاڙڪاڻي جوي رهواسي جمعو فقير جي وزيراعظم  پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي سان دوستي هئي، ڀٽو صاحب جڏھن به لاڙڪاڻي ايندو هو ته هو جمعي فقير کي گهرائي ساڻس ڀوڳ چرچا ڪندو هو. چيو وڃي ٿو ته جمعو فقير قمبر ۾ ڄائو ۽ وڏو ٿيو پوءِ اتان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيو، جمعو فقير پهرين حجامڪو ڌنڌو ڪندو هو، پوءِ اهو ڪم ڇڏي گڏھ تي چڙھي بازار ۾ پيو چڪر ڏيندو هو، مڇي مارڪيٽ مان مڇي جا ڇلر ۽ ڪاسائين وٽان ڍورن جا هڏ کڻي اچي ڪتن ۽ ٻلن کي ڏيندو هو، جيڪي فقير جي پويان پيا ڊوڙندا هئا، جڏھن به ذولفقار علي ڀٽو لاڙڪاڻي ايندو هو ته جمعو فقير سندس بنگلي تي پهچي ويندو هو ۽ کيس چوندو هو ڀٽا صاحب منهنجي مهماني ڪڏھن ٿو کائين؟، هڪ دفعي وزيراعظم ذوالفقارعلي ڀٽو لاڙڪاڻي آيل هو، آفيسرن کي چيائين ته جمعو فقير اڄ نظر ڪونه ٿو اچي، کيس ڳولهي حاضر ڪريو، آفيسرن ڳولهي ڳولهي وڃي سندس جهوپڙي ۾ ھٿ ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته ڀٽي صاحب توکي گهرايو آھي، چيائين ت ه ڀٽو صاحب منهنجي مهماني تي ڪونه آيو آھي، وٽس وڃڻ ته نه کپي پر يارن سان ڪهڙا ليکا! ايئن چئي آفيسرن سان گڏ ڀٽي صاحب وٽ پهتو، ڀٽي صاحب کيس سئو روپيا ڏنا، جنهن تي جمعي فقير کيس چيو، اڄ جيڪڏھن مان ڀٽو هجان ها، تون جمعو فقير هجين ها ته توکي الائي ڇا ڏيئي ڇڏيان ها! ان تي ذوالفقار علي ڀٽي کلي پنج سئو روپيا ڏنس، ۽ چيائين جمعا فقير دعا ڪجان، جمعي فقير وراڻيو، صاحب تون اتي به خوش ناهين ته مون سان گڏ ھل، ٻئي دفعي ڪنهن ٻروچ کيس خيرات ۾ پئسا ڏنا، آسمان ڏانهن منهن ڪري چيائين ٻروچ به توکان ڊڄن ٿا، جمعو فقير ذات جو سومرو ٻڌايو ٿو وڃي ۽ ڪجھ ماڻھو کيس منگي سمجهندا هئا، هُو سنڌ جو ٻيو وتايو فقير هو، آخر تائين ڀٽي کي دعوتون ڏيندو رهيو پر ڀٽو صاحب پهرين حڪومتي مصروفيتن سبب ۽ پوءِ بنديخاني ۾ بند هئڻ ڪري جمعي فقير جي جهوپڙي تي وڃي نه سگهيو، تان جو سندس ڦاسي جو وقت اچي ويو ۽ ھو وڃي خالق حقيقي سان مليو. ياري جو هڪ ٻيو داستان به ياد پيو اچي، 29 مئي 1961ع تي آمريڪا جي ان وقت جي نائب صدر لنڊن بي جانسن (lyndon B johnson) پاڪستان جي دوري تي ڪراچي آيو، هن جو قافلو هوائي اڏي کان ايوان صدر ڏانهن روان دوان هو، ڊرڪ روڊ/ھاڻوڪو شاهه فيصل روڊ تي ريلوي اسٽيشن ويجهو، آمريڪي نائب صدر جو قافلو اوچتو بيهجي ويو، جانسن گاڏي مان لهي سڌو روڊ جي پاسي ۾ بيٺل اٺ گاڏي ڏانهن هليو ويو ۽ گاڏي جي مالڪ سان ترجمان جي مدد سان ڪچهري ڪرڻ لڳو، جنهن جو نالو بشير احمد هو، جانسن، بشير احمد کي چيو ته اڄ ڏينهن کان پنهنجي  پڪي دوستي آھي، آمريڪا ضرور اچجو، ڪجھ ڏينهن کان پوءِ آمريڪي نائب صدر، بشير اٺ گاڏي واري ڏانهن سرڪاري طور آمريڪا اچڻ جي دعوت موڪلي، جنهن بعد لانڍي ۾ سندس جهوپڙي تي سرڪاري آفيسرن ۽ اخباري نمائندن جي رش ٿيڻ لڳي، جيئن ته بشير احمد ڪجھ سال اڳ ئي  هندستان جي اتر پرديش جي شهر بريلي مان  هجرت ڪري ڪراچي پهتو هو، ان ڪري هن جو گذر سفر اٺ گاڏي تي ئي هو، هو آمريڪا جي دعوت تي ان ڪري به پريشان ٿيڻ لڳو، جو هن سوچيو ته جيڪڏھن هو آمريڪا وڃي ٿو ته سندس گهر جو خرچ ڪير ڏيندو، آخرڪار ھن جي گهر جي خرچ لاءِ آمريڪي سفارتخاني روزانو پنجويھ روپيا ڏيڻ جو ذمو کنيو، جنهن بعد هو 14 آڪٽوبر 1961ع تي آمريڪا روانو ٿي ويو، آمريڪي سفير وليم ايم رائوٽر(william M router) ، کيس ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو، آمريڪا ۾ بشير اٺ گاڏي واري کي اهم سرڪاري مهمان جو پروٽوڪول ڏنو ويو، هو ٻه ھفتا کن آمريڪا جو سرڪاري مهمان رهيو، آمريڪا جي نائب صدر پاران کيس سونهري گهڙي، سائيڪل ۽ ٻيا کوڙ تحفا ڏنا ويا، ڪجھ ئي مهينن کان پوءِ آمريڪي صدر جي زال مسز جيڪولين ڪينڊي سندس ڀيڻ رازيوال سان گڏ پاڪستان آئي ته هوءَ لاهور کان ٿيندي ڪراچي پهتي ۽ ايوان صدر ۾  هوءَ بشير ساربان سان ملي، ان جي اٺ گاڏي تي سواري ڪئي ۽ تصويرون ڪڍرايون، سال 1963ع ۾ جان ايف ڪينيڊي (john F kennedy)  جي قتل کان پوءِ جانسن آمريڪا جو صدر ٿيو، جانسن 1968ع تائين ان عهدي تي رهيو، 22 جنوري 1973ع تي جانسن جي انتقال کان پوءِ بشير احمد ساربان به گمنامي جي انڌيرن ۾ گم ٿي ويو ۽ 1992 ڌاري گذاري ويو، ان وقت ڪنهن کي خبر ئي ڪون هئي ته هي اٺ گاڏي وارو  بشير ساربان به ڪڏھن آمريڪا جو سرڪاري مهمان ٿيو هو، آئون دوستي جي رڻپٽ ۾ گهڻو اڳيان نڪري ويو آھيان، ٻيهر پٺتي موٽان ٿو ته گونگو جت اسان کي اجرڪون پارائڻ لاءِ اڀو بيٺل آھي، مٿان ٻٻر جي وڻن ۾ ڳيرا ، ڪبوتر ۽ جهرڪيون  چه چه ڪري رهيا آھن، اوطاق جي پوئين پاسي کان کٻڙ جي وڻن تي مڪ ۾ مڃر ٽارين کي وهيا پکي ٻکين پيل آھن.