جمال شاهه (ن پ ا)جمال شاهه ڀرسان چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب 2 ڳوٺاڻن جا گهر سڙي رک ٿي ويا. ڳوٺاڻن پاران مدد جي اپيل. جمال شاهه ڀرسان ڳوٺ سومر خان جوکيو ۾ چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب ٻن ڳوٺاڻن علي نواز جوکيو ۽ دودو جوکيو جي گهرن کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهرن ۾ پيل 30 مڻ ڪڻڪ، 50 مڻ بهه، 4 کٽون، هنڌ، 30 هزار روڪ ۽ ٻيو گھريلو سامان سڙي رک ٿي ويو. جڏهن ته ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستو ڪچو هجڻ ڪري قاضي احمد مان فائر برگيڊ گاڏي دير سان پهتي، باهه متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، هنن اپيل ڪئي آهي ته سندن مالي مدد ڪئي وڃي.