جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه جي ڳوٺ غلام محمد ھوت واسي 38 سالا واپاري محمد سليم ھوت يوسف ڏاھري ريگيوليٽر وٽان روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، رابطو ڪرڻ تي سندس ننڍي ڀاءُ آصف ھوت ٻڌايو ته ڀاءُ مون کي فون ڪري چيو ته يوسف ڏاھري ريگيوليٽر وٽان موٽر سائيڪل ڪاھي وڃو ۽ موبائل فون کڻي وڃو، آئون خودڪشي ڪري رھيو آھيان، جڏهن ته اتي پهچڻ تي سندس موٽرسائيڪل بيٺل ملي، هن ٻڌايو ته علائقي واسين جو چوڻ آهي ته سليم کي هنن ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندي ڏٺو آهي.