جمال شاھه(ن پ ا) جمال شاھه ڀرسان ڳوٺ سيد علي حيدر شاھه ۾ اوچتو باھه لڳڻ سبب پورھيتن گل حسن مشوري، بخشڻ ۽ ذوالفقار علي مشوري جا گهر سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته گهر ۾ بيٺل موٽر سائيڪل، ھنڌ، کٽون ۽ ٿانون سميت الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي پورهيت گل حسن مشوري ميڊيا کي ٻڌايو ته ننڍڙي ٻار پاران ماچيس جي تيلي ٻارڻ سبب گهر جي لوڙھي کي باھه وڪوڙي وئي، جنهن بعد سڄو گهر سڙي رک ٿي ويو، ھن ڊي سي شهيد بينظيرآباد ۽ سرندي وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آھي.