جيڪب آباد: ميونسپل ڪاميٽي جيڪب آباد جي اجلاس ۾ ميمبر عبدالرب لاشاري گٽرن تي ڍڪڻ لڳائڻ جي قرار داد پيش ڪئي جڏهن ته ڊاڪٽر فرخندہ ڪٽو  ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ته جناح هال جي رپيئرنگ ڪرائي وڃي، ليڊي ميمبر شمع جمالي پاران گورنمينٽ علڻ خان جمالي جي اسڪول جي ڪلاسن جي رپيئرنگ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ميونسپل ميمبر آصف مغيري قرار داد پيش ڪئي ته جمالي واهه، پيچوها ڦاٽڪ ۽ مولاداد ڦاٽڪ تي فلاءِ اوور ٺهرايا وڃن. هن شهر اندر گئس پائيپ لائينز جي بحالي جو به مطالبو ڪيو.