ڪراچي/منصوره (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان رمضان کانپوءِ ملڪگير احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان دوران لانگ مارچ، گورنر ۽ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻا هنيا ويندا. جماعت اسلامي جي مرڪز منصوره مان جاري بيان ۾ حافظ نعيم چيو ته وڏن شاهراهن تي ڌرڻا، گورنرز هائوس ۽ سي ايم هائوسز جو گهيرو ڪيو ويندو. لانگ مارچ جو سڏ ڏينداسين، پوري ملڪ مان قافلا نڪرندا، ملڪ جو نظام ناڪاره ٿي ويو، تحريڪ دوران پوئتي هٽڻ وارا ناهيون. پرامن مزاحمتي جدوجهد جاري رهندي. ٻئي طرف جماعت اسلامي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي جي پي ٽي آءِ  ڪي پي ڪي جي صدر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين جنيد اڪبر خان سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. هنن اتفاق ڪيو ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ گڏجي جدوجهد ڪئي وڃي.