لاهور (م ڊ) جماعتي اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق انڊپينڊنٽ پاور پروڊيوسرز (آءِ پي پيز) سان معاهدن خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق چيو ته ڇنڇر تي عوام پر امن احتجاج ڪري ٻڌايو ته آءِ ايم ايف معاهدن کي تسليم نٿا ڪن. پنج دريائن جي موجودگي م مهانگي بجلي خريد ڪري رهيا آهيون، حڪومت بجلي نوي رپيا يونٽ ڪرڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته آءِ پي پيز سان معاهدن خلاف سپريم ڪورٽ وينداسين، عوام جي کِيسن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، پاڪستان کي هٿرادو معاهدن ذريعي وانداهين ۾ ڌڪيو ويو. سازش ڪئي وئي ته پاڪستان ترقي نه ڪري ۽ هتي ڊيم نه ٺهن. سراج الحق چيو ته افسوس آهي ته نگران وزيراعظم مهانگائي ۽ بجلي بلن کي نان ايشو چيو، کيس آئي اڃا مهينو ناهي ٿيو، پيٽرول جي قيمت ۾ وڌيڪ اضاف ڪيو ويو، هنن وٽ دماغ آهي جو گھر جي آمدني کان وڌيڪ بجلي جو بل اماڻي رهيا آهن، بل لاڳيتو ايندو رهندو ۽ ان ۾ اضافو ٿيندو رهندو. هن چيو ته وزيراعظم کي چوان ٿو ته مهانگي بجلي حڪومت پاڻ خريد ڪري ٿي ته حڪومت جي غلطي آهي، بار عوام تي ڇو ٿا وجھو؟ حڪومت جو ڪنٽرول ختم ٿي چڪو آهي.