ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته مولانا سيد عبدالرشيد جماعت اسلامي جو واحد نمائندو هجڻ باوجود سڄي سنڌاسيمبلي تي ڀاري ( ڇانيل) هو، لياري مان چونڊجڻ باوجود هن سنڌ جي عوامي مسئلن تي آواز اُٿاريو، پ پ جي خراب ڪارڪردگي ۽ ڪرپشن کي بي نقاب ڪيو، قبا آڊيٽوريم ۾ اڳوڻي ايم پي اي سيد عبدالرشيد جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته جماعت اسلامي جو ڪم ۽ ڪردار اڳوڻي ميئر عبدالستار افغاني، نعمت الله خان، ڪي پي جي سينئر وزير ۽ موجوده امير جماعت اسلامي سراج الحق جي صورت ۾ سڄي قوم سامهون موجود آهي. جماعت اسلامي صاف شفاف ۽ اڻڌرين چونڊن ذريعي ملڪ ۾ حقيقي تبديلي تي يقين رکي ٿي، اسان ڪراچي کان ڪشمور تائين ايندڙ عام چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين، قوم مخلص، اهل ۽ ديانتدار قيادت کي ووٽ ڏئي اڳوڻي ايم پي اي سيد عبدالرشيد خطاب ڪندي چيو ته لياري ۾ 66 سيڪڙو بلوچ رهن ٿا پر سڀني ماڻهن جا ووٽ مون کي مليا.