ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي، بجلي ۽ گئس چي قيمتن ۾ واڌ خلاف 28 آگسٽ تي ملڪ گير ھڙتال جو اعلان ڪيو آھي، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم، ن ليگ ۽ پ پ ڪرائيم پارٽنر آھن جيڪي ڪي اليڪٽرڪ مان فائدا حاصل ڪن ٿيون، عوام تي اضافي ٽيڪس مڙھي پريشان ڪيو پيو وڃي، پگھاردار طبقي تي مڙھيل بار ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، نواز شريف پاران ٻن مھين لاءِ پنجاب جي عوام کي بجلي جي قيمتن ۾ ڏنل رعايت پوري ملڪ جي عوام کي ملڻ گھرجي، 18ھين ترميم کانپوءِ سنڌ حڪومت کي 62 سيڪڙو وفاق کان ملندڙ رقم ڪراجي جي ٽيڪس مان ملي ٿي،  ملڪي عوام جي حقن لاءِ جماعت اسلامي عوامي مھم ھلائي پئي ۽ ملڪ گير ھڙتال جو اعلان ڪيو آھي.