سکر (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي پاران سنڌ ۾ بدامني، لاقانونيت، اغوا واقعن خلاف 16 فيبروريءَ تي شڪارپور وٽ ڌرڻو هڻي قومي شاهراهه بلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ، حزب الله جکرو ۽ زبير حفيظ شيخ هتي پريس ڪانفرنس ڪندي شڪارپور ڪنڌ ڪوٽ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو، هنن چيو ته سنڌ هن وقت بدامني جي باهه ۾ ٻري رهي آهي، حڪومت ڌاڙيل راڄ کي ٻنجو ڏيڻ، امن بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام آهي، هنن چيو ته جماعت اسلامي هن مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي جنهن ۾ سياسي، سماجي، قومپرست جماعتن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي، سڀني سان گڏجي سنڌ ۾ امن جي بحالي، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون.