نوان جتوئي (ن پ ا) جماعت اسلامي جي وفد 12 جنوري تي سنڌ ۾ پاڻي تي ڌاڙي، بد امني، ڌاڙيل راڄ خلاف سکر ۾ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ جتوئي هائوس پھچي اڳواڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي سان ملاقات ڪئي، وفد مرتضيٰ جتوئي کي دعوت نامو پڻ ڏنو، وفد ۾ ممتاز حسين سهتو، حزب الله جکرو، نعيم احمد ڪمبوهه، حافظ عبدالواحد خانزادو، نديم احمد غوري، زين ابوالحسن راجپوت، حافظ عبدالحق پنھور ۽ ٻيا شامل هئا، اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، ماڻهن جون زندگيون ۽ مال محفوظ ناھي، حڪومت کي گھرجي ته وڌندڙ بدامني، اغوا ۽ ڀنگ جي واقعن کي فوري طور تي روڪڻ لاءِ قدم کڻي، هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر کي ھٿي ڏني وئي آھي ۽ مٿان وري سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.