زوب (م ڊ) زوب ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق تي حملو ڪندڙ جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ خانگي ٽي وي موجب زوب جي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب حملو ڪندڙ جوابدار ڪوئيٽا جو هو، ڪافي وقت کان گم هو. پوليس سڃاڻپ لاءِ نادار کان مدد ورتي وئي.