ڳڙهي خدابخش ڀٽو: شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي  هڪ کان وڏي ميڊيڪل ڪئمپون قائم. اي سي جي ۽ آڪسيجن جي سهولت به موجود. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻي، ضلعي صحت آفيس لاڙڪاڻي ۽ پيپلز ڊاڪٽر فورم پاران الڳ الڳ ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون ويون. گذريل ورسي تي پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ کي دل جو دورو پيو هو تنهنڪري هن ڀيري ميڊيڪل ڪئمپن ۽ آڪسيجن ۽ اي سي جي سهولتن سان گڏوگڏ ايمبولينس جو تعداد پڻ وڌايو ويو آهي.