اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور جي جوڊيشل ڪمپليڪس حملي ڪيس ۾ گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت واري درخواست تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جج طاهر عباس سپرا ٻڌڻي ڪئي. عدالت علي امين گنڊاپور جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. وڪيل راجا ظهورالهسن چيو ته ٽيليفون تي ڳالهايو آهي موٽروي بند هجڻ سبب علي امين گنڊاپور عدالت ۾ پيش ناهي ٿي سگهيو. علي امين گنڊاپور جي خلاف 35 ڪيس داخل آهن. علي امين گنڊاپور وزير اعليٰ ۽ صوبي جو چيف ايگزيڪيٽوَ آهي. چيف منسٽر هوندي به علي امين گنڊاپور عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي. هن عدالت کان استدعا ڪئي ته عدالت م پيش ٿيڻ جو هڪ موقعو ڏنو وڃي. وڪيل جي استدعا تي عدالت پيش ٿيڻ جو هڪ ٻيو موقعوڏ ڏنو ويو. هوڏانهن ٿاڻي آءِ نائين ۾ داخل ڪيس ۾ وزير اعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور، راجه راشد حفيظ، عامر ڪياني ۽ واثق قيوم عباسي جا ناقابل ضمانت وارنٽ گرفتاري جاري ڪيا ويا، دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمر تنوير بٽ جي مسلسل غير حاضري تي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. تڪراري ٽوئٽس ڪيس ۾ مقامي عدالت اشارو ڏنو آهي ته جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تي اعظم سواتي پيش نه ٿيو ته وارنٽ گرفتاري جاري ڪيا ويندا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.