عمرڪوٽ(رپورٽر) دريا بچايو ڪميٽي ۽ پ پ مخالفن 15 اپريل تي عمرڪوٽ ۾ عام جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، جلسي گاهه جو جائزو وٺڻ لاءِ جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي لانٻو گرائونڊ عمرڪوٽ پھتو ۽ جائزو ورتو ان موقعي تي لال مالھي، فقير خضر حيات منگريو، لجپت سوراڻي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ته سنڌو دريا تي ڇھن ڪئنالن جي مخالفت ۾ سڄي سنڌ ھڪ پيج تي اچي وئي آھي، صدر زرداري ۽ پ پ وارا منافقت ڇڏي يا ڪئنال رد ڪرائين يا وفاقي حڪومت کان الڳ ٿين وٽن ٻيو ڪو به رستو ناھي ۽ دريا بچايو تحريڪ ھاڻ سڄي سنڌ جي نمائنده تحريڪ بڻجي وئي آھي، ڄامشورو مشاورتي اجلاس ۾ 42 سياسي تنظيمون شريڪ ٿيون، اھا مشاورتي ڪائونسل سڀني کي گڏ کڻي ھلندي ۽ دريا بچايو ڪميٽي به ڪم ڪندي رھندي صفدر عباسي وڌيڪ چيو ته عمرڪوٽ ۾ ڌانڌلي ٿي ته پوءِ گھٽ نه ٿيندي توھان به ھتي اسان به ھتي حڪومتي آسري تي پ پ وارا سرڪاري مشينري استعمال ڪرڻ جو سوچي رھيا آھن، پر ايئن ٿيڻ نه ڏينداسين پ پ مخالف اميدوار لال مالھي لکت ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ اختيارين کي شڪايتون ڪيون آھن، پر ڪو به نوٽيس ناھي ورتو ويو، ڊي آر او ۽ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آھي ته اھي شفاف اليڪشن کي يقيني بڻائن ڌانڌلي ٿي ته ذميوار اھي ھوندا ھن چيو ته دريا بچايو تحريڪ سنڌ جو پاڻي زراعت ۽ وسيلا بچائيندي اھا تحريڪ جاري رھندي ان موقعي تي لال مالھي چيو ته سنڌو دريا وڪڻندڙن خلاف 15 تاريخ تي لانٻي گرائونڊ ۾ سنڌ جي تاريخ جو وڏو جلسو ٿيندو سنڌي عوام ڀرپور شرڪت ڪري جلسي گاهه لاءِ انتظاميه کي لکت ۾ درخواست ڏني آھي سنڌي عوام جو سمنڊ 15 تاريخ تي دريا وڪڻندڙن کي رد ڪري ڇڏيندو.