ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشھور اداڪارا عاليا ڀٽ پنھنجي آفيشل انسٽاگرام تان تصوير شيئر ڪئي آھي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رھي آھي. تصوير ۾ ڏسي سگھجي ٿو تھ عاليا سان گڏ سندس مڙس اداڪار رنبير ڪپور بھ موجود آھي ۽ ھوءَ اسپتال جي بيڊ تي ليٽيل آھي ۽ الٽراسائونڊ ڪرائي رھي آھي، الٽراسائونڊ مشين جي اسڪرين تي ھن جي ٿيڻ واري حمل جي موجودگي نظر اچي رھي آھي پر اداڪارا اسڪرين تي دل وارو ايموجي لڳائي رکيو آھي. ويجھر ۾ ئي رشي ڪپور جي پٽ رنبير ڪپور سان شادي ڪندڙ عاليا ڀٽ ھن تصوير جي ڪيپشن ۾ پنھنجي ماءُ بڻجڻ جي تصديق ڪندي لکيو تھ جلد اسان جو ٻار اچي رھيو آھي.