اٽلانٽا(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ انٽرويو کان 25 منٽ پهرين ايندڙ همراهه نوڪري کان محروم ٿي ويو. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ شخص سان اهڙو واقعو پيش آيو آهي، جيڪو انٽرويو لاءِ مقرر ڪيل وقت کان 25 منٽ اڳ آفيس پهچي ويو هو. آمريڪي شهر اٽلانٽا سان تعلق رکندڙ همراهه ميٿيو پيروٽ هڪ لنڪڊ اِن پوسٽ ۾ ان بابت ٻڌايو. هڪ ڪليننگ سروس ڪمپني جي مالڪ کيس ميٿيو پيروٽ موجب هن هڪ همراهه کي ان ڪري نوڪريءَ لاءِ نه چونڊيو جو هو انٽرويو لاءِ وقت کان تمام گھڻو اڳ اچي ويو هو. هن ٻڌايو ته هڪ اميدوار انٽرويو لاءِ مقرر ڪيل وقت کان 25 منٽ اڳ پهچي ويو، اهو ان کي نه چونڊڻ جو اهم سبب هو. ان پوسٽ جي وارئل ٿيڻ کان پوءِ ميٿيو پيروٽ وضاحت ڪندي ٻڌايو ته آخر هن اميدوار جي جلدي اچڻ کي ايترو خراب ڇو قرار ڏنو؟ هن ٻڌايو ته جلدي اچڻ سٺي ڳالهه آهي پر اسين گھڻو جلدي پهچي ان ڳالهه جو اشارو ڏيندو آهي ته فرد ٽائم مينيجمينٽ ۾ گھڻو سٺو نه آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مجموعي طور مون کي احساس ٿيو ته اهو همراهه سماجي شعور کان عاري آهي ۽ ناقص ٽائيم مينيجمينٽ جي ڪري اهو ايتري جلدي پهچي ويو، ڇو جو اهو تمام گهڻو پري کان نه آيو هو.