ڪراچي (نمائندن وٽان) بحريا ٽائون آڏو ڌرڻي واري ڪيس ۾ جلال محمود شاهه سميت اڪيشن ڪاميٽي جي 5 اڳواڻن گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ورتي آهي، جڏهن ته گرفتار ڪيل جسقم جي وائيس چيئرمين امجد مهيسر سميت 30 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بحريا ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل جسقم جي وائيس چيئرمين امجد مهيسر سميت وڌيڪ 30 ڪارڪنن کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري سومر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، عدالت پوليس جي جاچ آفيسر کي جوابدارن کان پڇا ڳاڇا بابت ريمانڊ رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو ، ڪالهه گڏاپ سٽي پوليس گلشن حديد مان جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي رهائشگاهه تان گرفتار ڪيل جسقم جي وائيس چيئرمين امجد مهيسر، ديدار شام، مدثر نواز، عابد علي، رفيق خاصخيلي، آصف رضا مگسي، ياسين، عبدالحفيظ، ارباب علي، لطف علي ڦل، منير احمد، اياز علي، علي جان، مارو شر، زبير علي ڀٽو، عبدالڪريم، روشن علي، اشرف علي، شاهزيب، برڪت علي، راشد علي، ڄام دريا خان، نعمان علي، سجاد حسين، نجف علي، عزيز الرحمان ۽ ياسر علي کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪري سندن جسماني ريمانڊ لاءِ درخواست پيش ڪئي. ان موقعي تي جوابدارن پاران وڪيل محمد خان شيخ ۽ ٻين پيش ٿي جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪندي چيو ته امجد مهيسر ۽ ٻيا سياسي ورڪر آهن، جن کي بحريا ٽائون نه پر بشير خان قريشي جي بنگلي تان گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن جو ڀڃ ڊاهه واري واقعي سان ڪو تعلق ناهي، جنهن ڪري سندن جسماني رمانڊ نه ڏنو وڃي. واضح رهي ته بحريا ٽائون ڪيس ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي سميت 125 ڄڻا اڳ ۾ ئي گرفتار ٿيل هئا، ڄاڻايل 30 اڳواڻن جي گرفتاري بعد انگ وڌي 155 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري ظاهر ٿيڻ بعد سندس گمشدگي خلاف صنعان خان قريشي جي ننڍي ڀاءُ قوسين قريشي پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل پٽيشن واپس ورتي وئي، جنهن بعد عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي، ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه سميت 5 اڳواڻن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. عدالت سيد جلال محمود شاهه، ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، زين شاهه، اسلم خيرپوري ۽ جان محمد جوڻيجو جي 25-25 هزار رپين جي مچلڪن عيوض 10 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراهه سيد جلال محمود شاهه، زين شاهه، عوامي تحريڪ جو سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، جسقم اڳواڻ اسلم خيرپوري ۽ سنڌ عوامي پارٽي جي اڳواڻ جان محمد جوڻيجو پنهنجي وڪيلن محمد يوسف لغاري، رياضت علي سيهڙ، محمد عامر قريشي ۽ مير احمد مڱريو معرفت عدالت ۾ ضمانت واري درخواستون داخل ڪرايون هيون. ضمانت بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ سرڪار جي چوڻ تي پوليس بحريا ٽائون جي ونگاري بڻجي مٿن 18 کان مٿي ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ٽن ايس ايس پيز ۽ ٻن ڊي آءِ جيز جون خاص ڊيوٽيون لڳايون ويون هيون ته پوءِ ان دوران ڄاڻايل واقعو ڪيئن پيش آيو؟ هن چيو ته سندن بحريا ٽائون آڏو پرامن احتجاج هو جنهن کي ٻيو رنگ ڏئي قومپرست اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن ته جيئن هو سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ مبينا قبضن خلاف احتجاجي تحريڪ تان هٿ کڻن پر اها سندن ڀل آهي. ملير، ڄامشورو سميت ٻين ضلعن جي زمين ڪنهن به صورت ۾ بحريا ٽائون حوالي ٿيڻ نه ڏني ويندي. 12 جون تي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ گڏيل راءِ سان سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج جو فيصلو ڪيو ويندو. اڳواڻن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري ۽ سندس گهر تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران چڙهائي جي به مذمت ڪئي. زين شاهه چيو ته قومي ميڊيا کي بحريا ٽائون جي انتظاميا خلاف ٿيندڙ احتجاج جي ڪوريج بابت هڪ هفتو اڳ دعوت ڏني وئي هئي پر اردو ميڊيا ڪوريج کان انڪار ڪيو پر هاڻي کين افسوس آهي ته جڏهن بحريا ٽائون ۾ انتشار پکيڙيندڙن ڀڃ ڊاهه ڪري باهيون ڏنيون ته ان جي سموري ڪوريج ڪرڻ لاءِ اردو ميڊيا پهچي وئي هئي. هوڏانهن سنڌ ايڪشن ڪاميٽي تعلقي سيوهڻ جي 126 ڪارڪنن مٿان سيوهڻ ۽ ڀان ٿاڻن تي ٿيل 2 ايف آء آرز ۾ نامزد اڳواڻن محمد نواز رند، منصور آزاد چنه، مولابخش نوحاڻي، مامو اصغر ڪوريجو، شاهد هاليپوٽو، حڪيم بڙدي، اڪبر بوبڪائي، احسان لغاري، علي بهار بڙدي، مريد بروهي، امام علي جتوئي، محمد خان سولنگي، اصغر سولنگي، سهيل ٻرڙو، ضياءَ ڪنڀر، صفر ڀنڊ ، امير خشڪ، الهداد ٻگهيو، عرس سولنگي، غلام شبير ٻرڙو، علي رضا چنه، شوڪت مري، عبدالمجيد ٻگهيو، عبدالجبار چنه سيوھڻ جي عدالت مان ضمانت منظور ڪرائي ورتي. هوڏانهن اڳواڻن جي گرفتارين خلاف قومي عوامي تحريڪ، جسقم ۽ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۾ شامل پارٽين پاران احتجاج جاري رکيو ويو. ڳيريلو، ڍورو نارو، ڪنڊيارو، مورو، ميرواھ گورچاڻي، پٿورو، کهڙا، ڳڙھي حسن، نوشهروفيروز، سڪرنڊ، ڪشمور ۽ ٻين شهرن ۾ قومي عوامي تحريڪ، جسقم ۽ ٻين تنظيمن پاران احتجاج ڪيو ويو.