ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جيڪب آباد ضلعي ۾ پي ايس ٽيز جي 4 اميدوارن کي جعلي ڊگرين جي بنياد تي اضافي مارڪون ڏيڻ واري معاملي تي تعليم کاتي جي اختيارين پاران ڊي اِي او پرائمري مشتاق سڌايو کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته ڊي اي او پرائمري پاران ضلعي جي 4 پي ايس ٽيز اميدوارن کي بي ايڊ ۽ اي ڊي اِي جي جعلي ڊگرين جي بنياد تي اضافي مارڪون ڏئي کين آفر آرڊر جاري ڪيا ويا هئا. اهڙو اسڪينڊل پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿيڻ بعد صوبائي وزير تعليم سردار شاھ جي هدايتن تي ڊي اي او پرائمري جيڪب آباد مشتاق سڌايو کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان حوالي سان لاڳاپيل اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن تعليم کاتي پاران ويٽنگ اميدوارن تي نوازش ڪرڻ جي الزام هيٺ ضلعي گهوٽڪي جي ڊي اي او پرائمري ۽ ڊي اي او سيڪنڊري کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي، ڊي اي او سيڪنڊري گهوٽڪي مظفر شاھ ۽ ڊي اي او پراسرار شاھ کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جنهن بعد لعل محمد کي ڊي اي او سيڪنڊري گهوٽڪي ۽  انيس الرحمان کي ڊي اي او پرائمري گهوٽڪي مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح غلام مرتضي شاھ کي ڊي اي او سيڪنڊري سکر جي خالي عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير تعليم جي هدايتن بعد سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.