ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )مڪاني ادارن واري کاتي ۾ جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتي ٿيل آفيسر کي عهدي تان هٽائڻ کان پوءِ کيس سياسي بنيادن تي ٻيهر ٺٽو ضلعي ڪائونسل ۾ ايڊمنسٽريٽر طور مقررر ڪرڻ جو انڪشاف، آزاد ڪشمير واسي 18هين گريڊ جي آفيسر عمار خان تي مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير ۽ مڪاني کاتي جون اختياريون ٻيهر مهربان ٿي ويون، جعلي ڊوميسائيل ۽ شناختي جي جاچ ڪرڻ بجاءِ کيس اهم عهدي تي مقرر ڪيو ويو، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ پاران مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته عمار خان ڪجهه مهينا اڳ ڊائريڪٽر ٽو مقرر ٿيل هو جنهن جو ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ جعلي هجڻ جو اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ بعد کيس عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرايو ويو هو جنهن بعد کيس ٻيهر ٺٽي ۾ ضلعي ڪائونسل جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرر ڪيو ويو آهي.