اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين جي سربراهه محمود خان اچڪزئي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين تي سوال اٿاري ڇڏيو اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي چيو ته جنهن حڪومت وٽ جائز مينڊيٽ ئي ناهي، ان سان ڪهڙين ڳالهين لاءِ اجلاس ٿي رهيو آهي؟ اسان ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ دعا ضرور ڪنداسين، پر جتي اهڙا مسئلا هجن، اتي دعا قبول ناهي ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف اسان جو دوست آهي، پر هو ته مشرف جي وزيراعظم بڻجڻ لاءِ به تيار هو، نواز شريف همت ڪري شهباز شريف کي روڪيو هو، پر هاڻي نواز شريف به پوئتي هٽي ويو آهي.
اچڪزئي هميشه ملڪ دشمنن جي ايجنڊه تي هلندو آهي: نواز ليگ
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ حنيف عباسي پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ تحريڪ تحفظ آئين جي سربراهه محمود خان اچڪزي جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي مٿس الزام هڻندي چيو ته محمود خان اچڪزئي ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي، اهڙي وقت ۾ جڏهن اولهندي سرحد تي پاڪستان دراندازي جو منھن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، محمود خان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن جي همدردي ۾ ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هن عمر ۾ اهڙو ڪوڙ ڳالهائيندي هن کي شرم به نٿو اچي، شهباز شريف جي پنهنجي ڀاءُ سان وفاداري بابت ڳالهائڻ کان اڳ محمود خان پهريان پاڻ کي ڏسي. حنيف عباسي چيو ته تاريخ شاهد آهي ته مشرف جي وزيراعظم بڻجڻ واري آڇ کي شهباز شريف ٿڏي ڇڏيو، هوڏانهن مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهباز شريف وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ 3 ڀيرا ٿڏي ڇڏي هئي، ڀاءُ نواز شريف سان بي وفائي نه ڪئي، اچڪزئي سينئر سياستدان آهي ان مان اهڙي بيان جي اميد نه هئي، نواز شريف ۽ شهباز شريف ۾ اڳ به ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ڀاءُ جو هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيندڙ شهباز شريف قيد ۽ بند جي تڪليفون برداشت ڪيون، جڏهن ته محمود خان منافقت واري سياست ڪندو رهيو آهي.