پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر ڊاڪٽر سيف چيو آهي ته جعلي حڪومت جو پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ملٽري ٽرائل جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته جعلي حڪومت ملٽري ٽرائل لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳايو آهي، جعلي حڪومت سياسي مفادن لاءِ فوج ۽ عوام وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش بند ڪري. هن چيو ته سياسي مافيا کي پي ٽي آءِ باني کي مائنس ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي بقا نظر اچي رهي آهي، عمران خان ملڪ جي وڏي پارٽي جو سربراهه ۽ ڪروڙين عوام جي دلين جي ڌڙڪن آهي، جعلي حڪومت جو اهو قدم جمهوريت تي راتاهو هڻڻ جي هڪ ٻئي ڪوشش آهي. صوبائي اطلاعات واري صلاحڪار چيو ته جعلي حڪومت سول نافرماني تي آسمان مٿي تي کڻي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ملٽري ٽرائل جي به حمات ڪري رهيا آهن. جعلي حڪومت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي بغض ۾ هر حد تائين وڃڻ لاءِ تيار ويٺل آهي