ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره وديا بالن سوشل ميڊيا پيغام ذريعي پنهنجي مداحن ۽ دوستن کي خبردار ڪري ڇڏيو. وديا بالن پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي اسٽوري شيئر ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي مداحن ۽ دوستن کي پنهنجي جعلي انسٽاگرام اڪائونٽ کان آگاهه ڪيو. اداڪاره پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ چيو ته پهرين منهنجي فون نمبر ذريعي ماڻهن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻي منهنجي نالي سان  جعلي انسٽاگرام اڪائونٽ ذريعي ماڻهن کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي. جعلي اڪائونٽ تان منهنجي ڪيترن ئي دوستن ۽ مائٽن سان رابطو ڪيو ويو مون کي جيئن ئي پتو پيو ته ان اڪائونٽ خلاف رپورٽ ڪرائي. وديا بالن مداحن کي اپيل ڪندي چيو ته توهان به ان اڪائونٽ کي رپورٽ ۽ بلاڪ ڪرايو ڇاڪاڻ جو اهو شخص منهنجو نالو استعمال ڪري رهيو آهي.