ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو چيو آھي ته سنڌ واسين کي ڊجيٽل آدمشماري تي پهرين ڏينهن کان سخت اعتراض هئا، ڪراچي ۾ پرڏيهين کي ملڪي شهري ڄاڻائي  ڌانڌلي ذريعي مردم شماري ڪرائي پئي وڃي، جماعت اسلامي ۽ متحده جي فرمائش  تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آدمشماري جي تاريخن ۾ 2 ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي، جماعت اسلامي جي فرمائش تي هڪ مهيني جي واڌ لاءِ جتن پيا ٿين، جڏهن ته متحده  جي وفاقي وزير امين الحق کي مردم شماري بابت ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته نئين آدمشماري بعد سنڌ اسيمبلي ۾سنڌين يا اردو ڳالهائيدڙن بجاءِ  رڳو  افغانين جو سيٽون وڌي سگهن ٿيون،هن چيو ته اسا نکي جعلي آدمشماري قبول ناهي، عيد کانپوءِ سڀني ڌرين سان ڳالهائي سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪبا.