سڊني (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم قائم مقام ڪپتان ۽ اسٽار بالر جسپريت بمرا بيٽنگ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته سندس بالنگ بابت حتمي فيصلو اڄ صبح ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ٽيم مينيجمينٽ بمرا کي چيلهه ۾ هلڪي تڪليف سبب احتياطي معائني لاءِ اسپتال وٺي وڃڻو پيو، رپورٽس ۾ ڪا به سنگين ڳالهه سامهون نه آئي آهي. ميڊيا رپورٽس موجب، ميڊيڪل ٽيم جو چوڻ آهي ته بمرا بيٽنگ لاءِ ٺيڪ آهي ، پر بالنگ ڪرڻ بابت سندس صحت کي نظر ۾ رکندي اڄ صبح حتمي فيصلو ڪيو ويندو ميڊيڪل ٽيم جو چوڻ آهي ته بمرا جو مسلسل معائنو ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪنهن به خطرناڪ صورتحال کان بچي سگهجي.