ڪئليفورنيا (شوبز نيوز) ڪينيڊين گلوڪار جسٽن بيبر تازو پنهنجين وائرل وڊيوز ۽ سخت رويي سبب سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائيندو رهيو، پر هاڻي هن پنهنجي روين جو اعتراف ڪندي ذهني بيماريءَ ۾ مبتلا هئڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيليفورنيا ۾ پاپارازي سان ٿيل جهيڙي سبب جسٽن بيبر جو نالو خبرن ۾ آيو، وائرل وڊيوز ۾ کيس زور زور سان ڳالهائيندي ۽ پنهنجي نجي زندگي لاءِ پرائيويسي جو مطالبو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ان واقعي کان پوءِ بيبر هڪ اڻڄاتل دوست سان ٿيل گفتگو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي، جنهن دوران هن ان دوست سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ڇاڪاڻ ته ان شخص سندس روين تي اعتراض ڪيو هو. هاڻي جسٽن بيبر انسٽاگرام اسٽوريز تي هڪ تفصيلي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته هو مسلسل پنهنجي باري ۾ سوچيندي سوچيندي ٿڪجي پيو آهي ۽ هاڻ پاڻ کان ئي تنگ اچي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته هو ڪاوڙ جهڙن مسئلن جو شڪار آهي ۽ پنهنجي ذات تي ضرورت کان وڌيڪ ڌيان ڏيڻ سندس لاءِ ذهني دٻاءَ جو سبب بڻيو آهي. بيبر پنهنجي پيغام ذريعي ذهني حالت بابت کلي ڳالهائي رهيو آهي، جنهن کي مداحن ۽ ميڊيا طرفان سنجيدگي سان ورتو ويو آهي. ياد رهي ته هي واقعا اهڙي وقت سامهون آيا آهن، جڏهن سندس ذاتي ۽ پروفيشنل زندگيءَ بابت مختلف افواهه گردش ڪري رهيا آهن.