اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس پاڪستان سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس 20 نومبر تي طلب ڪري ورتو، ذريعن موجب اجلاس ۾ جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس سردار طارق مسعود خلاف شڪايتن جو جائزو ورتو ويندو، اجلاس ۾ جسٽس مظاهر جي اعتراضن تي به غور ٿيندو، جسٽس مظاهر چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس نعيم افغان تي اعتراض ڪندي چيو هو ته ڪائونسل ۾ منهنجي خلاف ڪارروائي کان ڌار ٿين، جوڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر نقوي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو، جڏهن ته جسٽس سردار طارق مسعود خلاف شڪايت ڪندڙن کي ثبوت گڏ کڻي اچڻ جو چيو ويو هو.